Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. [1]

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس گھُورڻ، جھڻڪڻ، تڪرار ڪرڻ کان بچندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِیْم!

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

89 سن هجري جي ڳالھ آهي، سرانديپ(هاڻوڪي سري لنڪا) جي علائقي مان هڪ قافلو سامونڊي رستي کان ٿيندي عرب شريف روانو ٿيو، ان قافلي ۾ مسلمان به هئا، جيڪي حج يا عمرو ڪرڻ جي اِرادي سان روانا ٿيا هئا، انهن ۾ عورتون به شامل هيون، هي قافلو جڏهن سندھ جي ساحلي پَٽي کان گذريو ته انهن تي ڪجھ ڌاڙيلن حملو ڪري ڏنو، انهن جو سازوسامان ڦري ڪري کين قيدي بڻائي ڇڏيو.

انهن قيدين کي دَيبل نالي هڪ قلعي ۾ رکيو ويو. جڏهن اها خبر ان وقت جي مسلمان حڪمران کي پئي ته ان فوري طور رهائي جي ڪوشش شروع ڏني، ان وقت سنڌ جو حڪمران راجه ڏاهر هيو جيڪو غيرمسلم(يعني هندو) هيو، اهو


 

 



[1] بخاري، ڪتَاب بَدءِ الْوَحي، صفحو:65، حديث:1۔