Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon
رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جهڙي اعلي رتبي واري ڪامل بزرگ جا هڪ استاد ابو علي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به سنڌي هئا، انهن کان سندن تصوف جو علم سکيو هو. [1]
ملتان جيڪو هاڻي مدينة الاولياء سڏجي ٿو، اسان جي ملڪ عزيز پاڪستان جو مشهور شهر آهي، سنڌ فتح ٿيڻ کان پهريان هي شهر غيرمسلمن جو هڪ اهم مرڪز هيو، جيئن اڄ اسان حج ڪرڻ جي لاءِ مڪي شريف ويندا آهيون، غيرمسلم پنهنجا مذهبي تِهوار ادا ڪرڻ جي لاءِ ملتان ايندا هئا پر جڏهن محمد بن قاسم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ملتان فتح ڪيو ته ان کان بعد مسلمانن جي دور حڪومت ۾ انداز ڪهڙو هيو؟ تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهي: ملتان ۾ علومِ قرآن جي تمام گهڻي رغبت هئي، هتي وڏا وڏا قاري هوندا هئا، ملتان جي بازارن ۾ عورتون نظر ئي نه اينديون هيون، ماڻهو شراب ۽ بدڪاري وغيره جو نالو وٺڻ ئي پسند نه ڪندا هئا، واپار جو انداز بدلجي ويو هيو، خريد ۽ فروخت ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ، ماپ تور ۾ گهٽتائي ڪرڻ، هيراڦيري ڪرڻ يعني دوکو ڏيڻ وغيره هي سڀئي گناھ نه هجڻ جي برابر هئا. [2]
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي پهريان جي مسلمانن جو پيارو اخلاق و ڪردار...!! هي باڪردار، بااخلاق ماڻهو جنهن سرزمين تي قدم رکندا هئا انهن جي قسمت ئي سنواري ڇڏيندا هئا، اتان گناھ مٽجي ويندا هئا، معاشري مان برائين جو خاتمو ٿي ويندو هيو ۽ گهر گهر ۾ نيڪين جي بهار اچي ويندي هئي
پاڪستان الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! 3 ڏينهن کان بعد 14 آگسٽ آهي، هي اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْکَرِیْم! پاڪستان جي 76 سالگرھ ملهائي ويندي، الله پاڪ اسان جي وطن عزيز کي سلامت رکي، شاد و آباد رکي ان کي بُرين نظرن کان محفوظ فرمائي. * اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!