Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon
امام فَخرُ الدِّين رازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: آيت سڳوري جي معنيٰ هي آهي ته اي مسلمانو! لَوحِ مَحفُوظ ۾ توهان جي اها وصف لکيل آهي ته توهان سڀني کان بهتر ۽ سڀني کان اَفضَل اُمّت آهيو، توهان جي لائِق اهو آهي ته توهان هن منصب جي حِفَاظت ڪريو! ([1]) يعني هميشه الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اطاعت گذار ۽ فرمانبردار ٿي رَهو...!!
حضرت علّامه مفتي عبد المصطفيٰ اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت سڳوري جي وَضاحت ڪندي فرمائن ٿا: هڪ مسلمان جي لاءِ زِندگي جو پهريون مقصد خَیْرُ الْاُمَمْ يعني بهترين اُمّت ٿيڻ آهي۔ جهڙي طرح گلاب جي لاءِ خوشبو، موتي جي لاءِ چمڪ ۽ سج جي لاءِ روشني لازم آهي، اهڙي طرح هڪ مسلمان جي لاءِ پنهنجي عملن ۽ فعلن جي لحاظ کان سمورين اُمّتن ۾ سڀ کان اعليٰ، سڀ کان اَفضَل، سڀ کان بهتر هئڻ لازِم ۽ ضروري آهي، عبادتون ۽ معاملات هجن يا اَخلاق ۽ عادتون غرض زندگي جي هر شعبي ۾، زِندگي جي آخري گھڙين تائين هڪ مسلمان خير ئي خير هجي، بَس پُوري زِندگي قرآن ۽ سُنّت جو دامن پڪڙي صراطِ مستقيم (يعني سڌي راھ) تي هلندو وڃي ته جيئن ٻيون قومون مسلمان کي ڏسي هي صدا هڻن ته([2])
یہی وہ ہیں کہ جن کے واسطے خَتْمُ الرُّسُل آئے انہی پر ختم ہے ”خَیْرُ الْاُمَمْ“ کی جلوہ سامانی
وضاحت: هي ئي اها خوش نصيب اُمَّت آهي، جن جي هدايت جي لاءِ الله پاڪ پنهنجي سڀ کان محبوب نبي، خاتَمُ النَّبِيّين کي موڪليو، هن اُمَّت کي خَيرُ الاُمَم جو لقب ڏنو ويو آهي۔
پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي هڪ مسلمان جي پهرين ذميواري جو مسلمان هميشه خَيرُ الاُمَم يعني بهترين اُمَّت بڻجي رهي۔ يقيناً جيڪو بهتر هوندو آهي، اهو آئيڊيل به هوندو آهي ۽ جيڪو آئيڊيل هوندو آهي، اهو ٻين جي نقل ناهي