Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

اسان جي حالت بي حال آهي

هي ته پاڪستان جا چڱا پهلو هئا، وڌيڪ ڪاميابي جي لاءِ، ترقي جي لاءِ اسان کي پنهنجي ڪمزور پهلوئن کي به ڏسڻ جي ضرورت آهي. عالم سڳورن، الله وارن هن پاڪ سرزمين تي جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن جو ته ڪو مَٽ ئي ناهي، الله ڪريم انهن کي هن خدمتن جو تمام گهڻو اجر عطا فرمائي، انهن تي ڪروڙين سلام هجن، ڏينهن رات رحمتن جي برسات ٿي.

پر اسان پنهنجي متعلق به ته غور ڪيون، اسان کي هن سرزمين تي ايندي 76 سال ٿيڻ وارا آهن، اسان مان اڪثر اهي آهن، جن جي پيدائش ئي هن ملڪ ۾ ٿي، ڪو هتي 20 سال گذاري چڪو آهي، ڪنهن 30 سال، ڪنهن 40، 50 سال هتي گذاريا، اسان غور ڪيون! اسان جي هتي هجڻ سان ڪهڙي تبديلي آئي؟ مان پاڻ ڪيترا نيڪ ڪم ڪيان ٿو، ڪيترو گناهن کان بچان ٿو، پوءِ هي به سوچو ته منهنجي ذريعي ڪيترن جي اصلاح ٿي، معاشرو ڪيترو بهتري جي طرف وڌيو آهي؟

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جي ملڪِ عزيز ۾ لکين لک عاشقانِ رسول اهڙا آهن، جيڪي نيڪيون ڪندا به آهن. نيڪي ڪرڻ جو حڪم به ڏيندا آهن، برائين کان بچندا به آهن ۽ ٻين کي بُرائين کان بچائڻ جي ڪوشش به ڪندا آهن پر افسوس! ڪيترائي اهڙا به آهن، جن جو انداز اهڙو ناهي. بلڪ جيڪڏهن مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته اڄ مسلمان اخلاقي طور تي تنزلي جو شڪار آهن. پهريان جا مسلمان قيدخاني ۾ به هوندا هئا ته انهن کي ڏسي ڪري غير مسلم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويندا هئا پر افسوس! اڄ آزاد مسلمانن کي ڏسي ڪري به ٻيا متاثر نٿا ٿين، افسوس! اڄ اسان جي حالت ابتڙ ٿي وئي آهي. صورتحال ڪجھ اهڙي ٿي چڪي آهي جو

وضع میں تم ہو نصاریٰ تو تمدن میں ہنود                         یہ مسلماں ہیں جنہیں دیکھ کے شرمائیں یہود