Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

وٺي، اهڙي شخص کي علم، حڪمت ۽ نصيحت جو ڪو فائدو ناهي.[1]

هر گهر نشانِ عبرت آهي

 حضرت سائب عبدي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن حضرت صالح مُري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  اسان وٽ تشريف کڻي آيا، مون پڇيو: اي ابوبشۡر! اوهان ڪٿان تشريف کڻي آيا آهيو؟ فرمايائون: مان پنهنجي گهران نڪتس ته مختلف مقامن کان گهمندو تو وٽ آيس، مان جڏهن فلاڻي جي گهر وٽان گذريس ته ان گهر مون کي(زبانِ حال سان) پڪاري ڪري چيو: اي صالح! مون مان نصيحت حاصل ڪر! مون ۾ فلاڻا فلاڻا ماڻهو رهندا هئا، هاڻي اهي انتقال ڪري ويا آهن. پوءِ جڏهن فلاڻي گهر وٽ پهتس ته ان گهر به مون کي (زبانِ حال سان) پڪاري چيو: اي صالح! مون مان نصيحت حاصل ڪر! مون ۾ فلاڻا فلاڻا ماڻهو رهندا هئا، هاڻي اهي سڀئي مٽي ۾ دفن آهن. حضرت سائب عبدي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا:  انهي طرح پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ هڪ ڪري گهر ڳڻائيندا رهيا، ايستائين جو اسان جي گهر تائين پهچي ويا.[2]

جہاں میں ہیں عِبْرت کے ہر سُو نمونے                                           مگر تجھ  کو  اندھا   کیا رنگ و  بُو نے

کبھی غور سے  بھی یہ دیکھا ہے  تُو نے                                                 جو آباد تھے وہ محل اب ہیں سُونے

جگہ  جی  لگانے  کی  دنیا  نہیں  ہے                                                             یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

 پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو: هي اسان جا بزرگانِ دين، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، ڪهڙي ڪهڙي انداز سان عبرت حاصل ڪندا هئا. افسوس! هڪ اسان آهيون. چلهي تي ٻرندڙ باھ. سج جي تپش. سردي، گرمي وغيره مان عبرت پڪڙڻ ته پري جي ڳالھ آهي. اسان جي اکين جي سامهون جنازا کڄندا آهن،


 

 



[1] تنبیہ المغترین، صفحہ: 57 57 بتقدیم و تاخیر ۔

[2] حلیۃ الاولیاء،جلد:6 ،صفحہ:182 ،رقم:8222۔