Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

اَوَ لَمۡ یَسِیۡرُوۡا فِی الۡاَرۡضِ فَیَنۡظُرُوۡا کَیۡفَ کَانَ عَاقِبَۃُ  الَّذِیۡنَ کَانُوۡا مِنۡ قَبۡلِہِمۡ ؕ کَانُوۡا ہُمۡ  اَشَدَّ مِنۡہُمۡ  قُوَّۃً وَّ اٰثَارًا فِی الۡاَرۡضِ فَاَخَذَہُمُ اللّٰہُ بِذُنُوۡبِہِمۡ ؕ     وَ مَا کَانَ لَہُمۡ مِّنَ اللّٰہِ مِنۡ وَّاقٍ (۲۱(پارہ:24، المؤمن:21)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ ڇا انهن زمين ۾ سفر نه ڪيو جو ڏسن ها ته انهن کان پهرين ماڻهن جو ڪهڙو انجام ٿيو؟ اهي پهريان ماڻهو قوت ۽ زمين ۾ ڇڏيل نشانين جي اعتبار سان انهن کان وڌيڪ هئا پوءِ الله انهن کي انهن جي گناهن جي سبب پڪڙي ورتو ۽ انهن جي لاءِ الله کان ڪو بچائڻ وارو نه هو.

اي عاشقانِ رسول! هي آهي امت مسلمه جي آخري امت هجڻ جي حڪمت..!! اسان کي عبرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ آخري امت بڻايو ويو. هاڻي ٿورو غور ڪيو! ڇا اسان عبرت وٺون ٿا؟ افسوس! افسوس! اسان ته غفلت ۾ مبتلا رهون ٿا، اسان نصيحت نٿا پرايون، اسان عبرت جي نگاھ کان محروم آهيون، پوئين امتن جا احوال اسان تي واضح آهن، قوم عاد ڪيئن هلاڪ ٿي، قوم ثمود تي ڪيئن عذاب آيو، قوم شعيب ڪهڙي طرح تباھ ڪئي وئي، اسان هي سڀ ٻڌندا رهون ٿا، قرآن ڪريم ۾ انهن سڀني جو ذڪر موجود آهي، عالم سڳورا بيان ڪندا رهن ٿا، پر افسوس! اسان عبرت نٿا پڪڙيون، گناھ ڇڏي ڪري نيڪ راھ جا مسافر نٿا بڻجون.

عبرت وٺڻ جي ترغيب

     اي عاشقانِ رسول!  قرآن ڪريم اسان کي هرجڳھ عبرت حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏياري آهي. سيپارو: 18، آيت: 44 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

یُقَلِّبُ اللّٰہُ الَّیۡلَ وَ النَّہَارَ ؕ     اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَعِبۡرَۃً   لِّاُولِی  الۡاَبۡصَارِ  (۴۴(پارہ:18،النور:44)

ترجمو ڪنزالعرفان: الله رات ۽ ڏينهن تبديل فرمائي ٿو، بيشڪ ان ۾ اک وارن جي لاءِ سجهڻ جو مقام آهي.