Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

اي عاشقانِ رسول! غور ڪرڻ جي ڳالھ آهي! ڪيترو عظيم منصب آهي ۽ اسان صرف دنيا جي محبت جي سبب، مال جي پٺيان، نفساني خواهشن جي ڪري اسان پنهنجو پاڻ کي هن منصب جي لاءِ نااهل قرار ڏيون! هي ڪيتري وڏي نقصان جي ڳالھ آهي..؟ انهي ڪري اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي ڪردار کي صحيح ڪيون، پنهنجي انداز، پنهنجي اخلاق، پنهنجي اعمال ۽ پنهنجي طور طريقن کي درست ڪيون ته جيئن هي عظيم منصب جيڪو هن امت کي عطا ڪيو ويو آهي،. اسان هن منصب جي لائق بڻجي سگهون.

مِٹا دے ساری خطائیں مری مِٹا یارب                        بنادے نیک بنا نیک دے بنا یارب

مُحِیط دل پہ ہوا ہائے نفسِ اَمّارہ                                      دِماغ پر مِرے ابلیس چھا گیا یارب

کریں نہ تنگ خیالاتِ بد کبھی ، کردے                           شُعُور و فکر کو پاکیزگی عطا یارب([1])

 (2) ٻي حڪمت:  عبرت وٺڻ واري اُمّت

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن اُمت کي عبرت واري امت بڻايو ويو آهي. هڪ هنڌ الله پاڪ فرمايو:

وَ لَقَدۡ اَہۡلَکۡنَا الۡقُرُوۡنَ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ لَمَّا ظَلَمُوۡا ۙ وَ جَآءَتۡہُمۡ رُسُلُہُمۡ بِالۡبَیِّنٰتِ وَ مَا کَانُوۡا لِیُؤۡمِنُوۡا ؕ کَذٰلِکَ نَجۡزِی الۡقَوۡمَ الۡمُجۡرِمِیۡنَ (۱۳) ثُمَّ  جَعَلۡنٰکُمۡ  خَلٰٓئِفَ فِی الۡاَرۡضِ مِنۡۢ بَعۡدِہِمۡ  لِنَنۡظُرَ کَیۡفَ تَعۡمَلُوۡنَ (۱۴(پارہ:11، یونس:13-14)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ اسان توهان کان پهريان قومن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو جڏهن انهن ظلم ڪيو ۽ انهن وٽ سندن رسول روشن دليلن سان تشريف کڻي آيا ۽ اهي اهڙا هئائي نه جو ايمان آڻن ها. اسان ايئن ئي مجرمن کي بدلو ڏيندا آهيون. پوءِ اسان انهن کان بعد توهان کي زمين ۾ جانشين بڻايو ته جيئن اسان ڏسون ته توهان ڪهڙي طرح ڪم ڪيو ٿا؟


 

 



[1]... وسائل بخشش، صفحہ:78، ملتقطًا۔