Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon
قَالُوۡا یٰشُعَیۡبُ اَصَلٰوتُکَ تَاۡمُرُکَ اَنۡ نَّتۡرُکَ مَا یَعۡبُدُ اٰبَآؤُنَاۤ اَوۡ اَنۡ نَّفۡعَلَ فِیۡۤ اَمۡوَالِنَا مَا نَشٰٓؤُاؕ
(پارہ:12، ہود:87)
ترجمو ڪنزالعرفان: (قوم) چيو؛ اي شعيب! ڇا تنهنجي نماز توکي هي حڪم ڏئي ٿي ته اسان پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي خدائن کي ڇڏي ڏيون يا پنهنجي مال ۾ پنهنجي مرضي جي مطابق عمل نه ڪيون.
ٿورو انصاف ڪري ٻڌايو! اڄ جڏهن وياج جي ڏيڻ وٺڻ کان، خريدو فروخت ۾ دوکو ڏيڻ کان منع ڪيو وڃي ته بلڪل اها ئي ڳالھ لبرل ازم جي نالي تي ناهي چئي ويندي؟ لبرل ماڻهو چوندا آهن ته مولوين کي تجارت جو علم، انهن کي گهرجي ته هو پنهنجي نماز روزي تائين رهن.
هي سڀ ڪجھ اسان وٽ اسان جي معاشري ۾ به پاتو پيو وڃي. هاڻي ٻڌايو! جڏهن اسان به اهو ئي ڪجھ ڪري رهيا آهيون، جيڪي پويون امتون ڪنديون هيون، پوءِ هي منصب جيڪو امت مسلمه کي ڏنو ويو، پوئين امتن جي گواهي ڏيڻ. اسان هن منصب تي پورو ڪيئن لهي سگهنداسين؟
ياد رکو! فاسق(يعني اعلانيه گناھ ڪرڻ واري) جي گواهي قبول ناهي ڪئي ويندي. نماز ڇڏڻ فسق آهي، روزا نه رکڻ فسق آهي، ماپ تور ۾ دوڪو ڪرڻ، والدين کي ستائڻ، ٻين کي تڪليف پهچائڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ. وياج جو ڏيڻ وٺڻ ڪرڻ، شراب پيئڻ وغيره وغيره هي سڀ فسق آهن، گناھ جا ڪم آهن ۽ مفسرين ڪرام هي لکيو آهي ته قيامت جي ڏينهن امت مسلمه جيڪا گواهي ڏيندي هن مان مراد صرف هن امّت جا متقي پرهيزگار صالح ماڻهو آهن.[1] جيڪي نمازون به پڙهندا آهن، روزا به رکندا آهن، گناهن کان به بچندا آهن، تقويٰ اختيار ڪندا آهن، صرف اهي ماڻهو هي گواهي ڏيڻ جا اهل هوندا. جيڪي گنهگار آهن، فاسق و فاجر آهن، انهن خود گناھ ڪري پنهنجي پاڻ کي هن منصب جي لاءِ نااهل ڪري ورتو آهي،