Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

يعني اي اُمّت مسلمه! پهريان ڪيئي اُمّتون گذريون. انهن جي طرف رسول موڪليا ويا، انهن جي لاءِ احڪام واضح کولي بيان ڪيا ويا پر انهن پنهنجي جانين تي ظلم ڪيو، نافرمانيون ڪيون، اسان انهن کي هلاڪ ڪيو، پوءِ توهان کي زمين ۾ خليفو بڻايو ويو ته جيئن ڏسون ته توهان انهن اُمّتن جهڙا ئي عمل ڪيو ٿا يا الله پاڪ جي فرمانبرداري ڪيو ٿا.

الله اڪبر! هي آهي هن اُمت کي آخري اُمت بڻائڻ جي هڪ حڪمت..!! عالم سڳورا فرمائن ٿا: پوئين اُمّتن ۾ ماڻهو ڪهڙا ڪهڙا گناھ ڪندا هئا، ڪهڙي طرح دنيا کي آخرت تي ترجيح ڏيندا هئا، ڪيئن الله پاڪ انهن کي مهلت ڏني، انهن کي وڏيون وڏيون زندگيون عطا ڪيون، پوءِ جڏهن اهي پنهنجي نافرمانين تي پڪا ٿي ويا ته الله پاڪ ڪهڙا انهن تي عذاب نازل فرمايا، ڪنهن کي آنڌي جي ذريعي هلاڪ ڪيو، ڪنهن قوم تي پٿر وسايا ويا، ڪنهن قوم تي شديد زلزلن جو عذاب آيو، انهن جي طاقت، انهن جي قوت، انهن جا بلند و بالا محل، انهن جو علم، انهن جي مهارت ڪجھ به انهن کي الله پاڪ جي عذاب کان بچائي نه سگهيو.

هي سڀ ڪجھ ٿيڻ کان بعد آخر ۾ الله پاڪ هن اُمّتِ مسلمه کي موڪليو، قرآن ڪريم ۾ پوئين اُمّتن جا حالات کولي بيان ڪيا ته جيئن هي اُمّت عبرت حاصل ڪري، جيڪو پهريان وارن نافرمانن ڪيو، اهو ڪم هي اُمّت نه ڪري، انهن جي نقش قدم تي نه هلي بلڪه پهريان جي نيڪ ماڻهن جيڪي ڪم ڪيا، انهن تي جيڪي جيڪي انعام ٿيا، هي امت انهن تي غور ڪري نيڪي جي راھ اپنائي.[1]

الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:  


 

 



[1] حسن التنبہ لما ورد فی التشبہ،باب بیان الحکم الظاہرۃ فی تاخیر ہذہ الامۃ،جلد:1 ،صفحہ:108 مفصلًا۔