Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon
سيپاري: 30 سورت نازعات ۾ فرعون ۽ ان جي لشڪر جي غرق هجڻ جو واقعو ذڪر ڪرڻ کان بعد فرمايو:
اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَعِبۡرَۃً لِّمَنۡ یَّخۡشٰی (ؕ۲۶) (پارہ:30،النازعات:26)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ ان ۾ ڊڄڻ وارن جي لاءِ ضرور عبرت آهي.
الله اڪبر! هي الله پاڪ کان ڊڄڻ وارا، اُولِی الْاَبْصَار (يعني غور و فڪر ڪرڻ وارا، عبرت جي نگاھ رکڻ وارا)، هي الله پاڪ جي نشانين کي ڏسي ڪري عبرت حاصل ڪندا آهن، ڏينهن آيو، هليو ويو، سج نڪتو، لهي ويو، رات آئي، هلي وئي، تارا نڪتا، لهي ويا، هي سڀ ڪجھ، ڪائنات جو ذرو ذرو کليل ڪتاب آهي، ان ۾ اسان جي لاءِ نصيحت آهي، عبرت آهي، ڪاش! اسان ڊڄڻ وارا، عبرت حاصل ڪرڻ وارا، اولي الاَبۡصَار (يعني غور و فڪر ڪرڻ وارا، عبرت جي نگاھ رکڻ وارا)بڻجي وڃون.
عبرت جي نگاھ متعلق اولياءِ ڪرام جا فرمان
حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا ته: جيڪو دنيا کي عبرت جي نگاھ کان ڏسندو ۽ غور و فڪر ڪندو آهي، اهو وڌيڪ نيڪيون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي. حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو هن دنيا کي عبرت جي نگاھ کان ناهي ڏسندو، آخرت جي فڪر ناهي ڪندو، ان جون نيڪيون گهٽ ۽ دل پردي ۾ آهي. حضرت حاتم اصم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان سوال ٿيو: انسان عبرت وارو ڪيئن بڻجندو آهي؟ فرمايائون: جڏهن اهو دنيا جي هر شيءِ جي انجام تي نگاھ ڪري ۽ غور ڪري ته عنقريب هي شيءِ فنا ٿي ويندي ۽ هن شيءِ جو مالڪ به تمام جلد قبر ۾ دفنايو ويندو. حضرت حاتم اصم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو ئي فرمان آهي: جنهن جي گهر مان جنازو نڪري ۽ اهو هن مان عبرت نه