Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon
هاڻي اسان ٿورو غور ڪيون! ڇا اسان هن لائق آهيون؟ هي منصب جيڪو امت مسلمه کي ڏنو ويو آهي، ڇا اسان پاڻ کي هن منصب جي لائق بڻائي رهيا آهيون؟ افسوس!
ہم جانتے ہیں مجرم کے سب ٹھکانوں کو
شریکِ جُرْم نہ ہوتے تو مخبری کرتے
پوئين امتن جون ڪهڙيون ڪهڙيون برايون هيون؟ حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام جي قوم سندن گستاخيون ڪندي هئي، ڇا اڄ اسان وٽ گستاخيون نه پيون ٿين؟ حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام کين سمجهائيندا هئا، هُو ڳالھ مڃڻ جي لاءِ تيار نه هئا، ڇا اسان پنهنجي نبي جي فرمانن تي عمل ڪرڻ وارا آهيون؟ حضرت هود عَلَيۡهِ السَّلَام جي قوم سرڪش هئي. ڇا اڄ اسان وٽ دليري سان گناھ ناهن ڪيا ويندا. حضرت صالح عَلَيۡهِ السَّلَام جي قوم پنهنجي طاقت تي، پنهنجي مهارتن، پنهنجي وڏين وڏين عمارتن تي فخر ڪندا هئا، غرور ۽ تڪبر جي آفت ۾ مبتلا هئا، ڇا اڄ اسان وٽ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي کي بنياد بڻائي ڪري ديني ڳالهين کي پٺي ناهي ڏني ويندي، ڇا ماڻهو هي ناهن چوندا ته دنيا چنڊ تي پهچي وئي آهي ۽ تون اڃان نماز روزي ئي جي ڳالھ ڪري رهيو آهين؟ حضرت لوط عَلَيۡهِ السَّلَام جي قوم ۾ فحاشي، بي حيائي ۽ بدڪاري عام هئي، ڇا هي شيون اڄ اسان جي اندر نٿيون پاتيون وڃن؟ حضرت شعيب عَلَيۡهِ السَّلَام جي قوم ماپ طور ۾ ڪمي ڪندي هئي، ڇا اڄ اسان وٽ ماپ تور ۾ ڪمي ناهي ڪئي ويندي؟ خريدوفروخت ۾ دوکو ناهي ڏنو ويندو؟ حضرت شعيب عَلَيۡهِ السَّلَام جي قوم چوڪن ۽ چوراهن تي ويهي ماڻهن کي گمراھ ڪندي هئي، ڇا اڄ اسان وٽ ايئن ناهي ٿي رهيو؟ گهٽين، چوراهن تي ويهي ڪري، فيس بڪ، يوٽوب ۽ سوشل ميڊيا وغيره جي ذريعي ماڻهن کي گمراھ نه پيو ڪيو وڃي؟ حضرت شعيب عَلَيۡهِ السَّلَام جي قوم ته باقاعده طور تي هي چيو هيو: