Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

اسان عبرت ناهيون وٺندا. پاڻ پنهنجي هٿن سان مردا قبر ۾ لاهيندا آهيون، تڏهن عبرت ناهيون پڪڙيندا. فلاڻو بن فلاڻو چڱو ڀلو هيو، اچانڪ هارٽ اٽيڪ آيو ۽ موت جي منهن ۾ هليو ويو، فلاڻو نوجوان روڊ حادثي ۾ مري ويو، اهڙيون ڪيئي خبرون اسان ٻڌندا رهندا آهيون، پوءِ به اسان پنهنجي موت کي ياد ناهيون ڪندا. ڪاش! اسان عبرت حاصل ڪرڻ ۽ قبر و آخرت کي ياد ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

دل ہائے گناہوں سے بیزار نہیں ہوتا                         مغلوب شہا! نفسِ بدکار نہیں ہوتا

شیطان مُسلَّط ہے افسوس! کسی صورت                       اب صبر گناہوں پر سرکار نہیں ہوتا

اے رَبّ کے حبیب آؤ! اے میرے طبیب آؤ                      اچّھا یہ گناہوں کا بیمار نہیں ہوتا

گو لاکھ کروں کوشش اِصلاح نہیں ہوتی                                                پاکیزہ گناہوں سے کِردار نہیں ہوتا

یہ سانس کی مالا اب بس ٹوٹنے والی ہے                      دل  آہ!  مگر  اب  بھی  بیدار  نہیں  ہوتا([1])

(3)ٽئين حڪمت: نيڪ ماڻهن جي راهه تي هلڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! اُمّت مسلمه کي آخري امت ڇو بڻايو ويو؟ ان جي هڪ ٻي حڪمت ٻڌو! الله پاڪ فرمائي ٿو؛

یُرِیۡدُ اللّٰہُ لِیُبَیِّنَ لَکُمۡ وَ یَہۡدِیَکُمۡ سُنَنَ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ وَ یَتُوۡبَ عَلَیۡکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ  عَلِیۡمٌ  حَکِیۡمٌ (۲۶(پارہ:5، النساء:26)

ترجمو ڪنْزُ العرفان:  الله چاهي ٿو ته پنهنجا احڪام توهان جي لاءِ بيان ڪري ۽ توهان کي توهان کان اڳين ماڻهن جا طريقا ٻڌائي ۽ توهان تي پنهنجي رحمت سان رجوع فرمائي ۽ الله علم ۽ حڪمت وارو آهي.

عالم سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ اِرادو فرمايو ته(هن امت کي آخري امت بڻائي


 

 



[1]... وسائلِ بخشش،صفحہ:163۔