Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

ڪندو، ٻيا ان جي پويان هلندا آهن، لهٰذا ٿيڻ ايئن کپي ها ته مسلمان اهڙو بڻجي رهي جو ٻيون قومون ان جي پيروي ڪن، مسلمان جا اَخلاق ايترا اعليٰ هجن جو ٻيون قومون مسلمانن کان اَخلاق سکن، مسلمان جو ڪردار اهڙو اعليٰ هجي جو ٻيون قومون ڪردار جي بهتري جي لاءِ ان جي صحبت اپنائن، هڪ مسلمان جون عادتون، ان جا فعل، ان جي گفتار، طور طريقا، اُٿ ويھ ايتري بهتر هجي جو ان کي آئيڊيل بڻايو وڃي، ان جي پيروي ڪئي وڃي، ٻيون قومون ان جي ڪردار، اَخلاق ۽ عادتن تي رشڪ ڪن ۽ ان کي ڏسي جيئڻ سکن۔

پر افسوس! اڄ حالتون ابتڙ آهن، خَيرُالاُمَم (بهترين اُمَّت) اسان آهيون، هئڻ ته ايئن گھرجي ها جو اسان ٻين جي لاءِ آئيڊيل بڻجون ها، اسان ٻين قومن کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي ورتو آهي، هئڻ ته هي کپي ها ته ٻيون قومون اسان جي نقل ڪن ها پر اسان نَقل ڪندڙ بڻجي ويا آهيون، اسان ٻين جي نقل ڪرڻ لڳا آهيون، اُٿ ويهه ۾ ڪافِرن جي نقل، تعليم ۾ ڪافِرن جي نقل، اُصُول ۽ قوانين ۾ ڪافِرن جي نقل، ايستائين جو جُتي ڪپڙا خريدڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ به غير قومن جي نقل ڪئي ويندي آهي، صَد اَفسَوس! اڄ مسلمان قرآن نٿا سکن، ڪافِرن جا فلسفا سکي وٺن ٿا، پنهنجي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرت کي نٿا ڏسن، ڪافِرن جو انداز اپنائن ٿا۔

وائے ناکامی متاعِ کارواں جاتا رہا                      کارواں کے دِل سے اِحْساسِ زیاں جاتا رہا

وضاحت؛ افسوس! اسان جو سازوسامان(مثلاً عزت، ترقي، عروج وغيره) سڀ تباھ ۽ برباد ٿيندو پيو وڃي ۽ مصيبت ته اها آهي جو نادانن کي هن تباهي جو احساس تائين ناهي.

اي عاشقانِ رسول! اسان جي ذميداري آهي ته خَيرُالاُمَم (يعني بهترين اُمَّت) هجڻ جو جيڪو اعزاز اسان کي ربّ ڪائنات عطا فرمايو آهي، اسان هن اعزاز جي قدر ڪيون، اسان واقعي خَيرُالاُمَم (بهترين اُمَّت) بڻجي ڪري رهون، اسان ٻين جي نقالي