Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat
جي سعادت ماڻي، انهن جي تعداد ڪم و پيش هڪ لک 24 هزار يا ان کان به وڌيڪ هئي.[1]
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
حَجّةُ الۡوداع مان سکڻ واريون ڳالهيون.
پيارا اسلامي ڀائرو! حَجَّة الوداع سيرت مصطفيٰ جو نهايت اهم ترين پهلو آهي، هن مان اسان کي گهڻو ڪجھ سکڻ جي لاءِ ملي ٿو، تمام گهڻن عقيدن ۽ اعمال جي اصلاح ٿيندي آهي. اچو! هن تعلق سان ڪجھ ايمان افروز واقعا ۽ ان مان ملڻ وارا درس ٻڌون ٿا:
حَجَّةُ الوداع ۾ انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي شرڪت
مُسلم شريف: صحابي رسول حضرت ابن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: حاجين جو هي نرالو قافلو سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رهنمائي ۾ وڃي رهيو هيو، رستي ۾ اَزۡرق نالي هڪ وادي آئي. سرڪار عالي وقار مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هي ڪهڙي وادي آهي؟ عرض ڪيو ويو: هي وَادِئِ اَزْرَق آهي! فرمايائون: مان ڏسي رهيو آهيان ته الله پاڪ جي نبي حضرت موسيٰ عَلَيهِ السَّلَام پنهنجون آڱريون ڪنن تي رکيون آهن ۽ تلبيه پڙهندي هن وادي مان گذري رهيا آهن. حضرت ابن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: پوءِ اسان اڃا اڳتي وڌياسين، هلندي هلندي هڪ وادي آئي، سرڪار مدينه، راحت قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هي ڪهڙي جڳھ آهي؟ عرض ڪيو ويو؛ يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هيءَ ہَرْشٰی نالي وادي آهي. فرمايائون: مان ڏسي رهيو آهيان ته الله پاڪ جا نبي حضرت يونس عَلَيهِ السَّلَام سُرخ ڏاچي تي سُوار آهن، کين