Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [1]

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس  اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس       * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

حاجين جي لاءِ مغفرت جي بشارت

 حَجَّة الوداع (يعني پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ظاهري زندگي مبارڪ ۾ جيڪو سڀني کان آخري حج ادا فرمايو، اُن حج) جو موقعو هيو، باعثِ رحمت، مالڪ جنت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ميدان عرفات تشريف فرما هيا، صحابي رسول حضرت عباس بن مِرداس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رات جي وقت دعا گهري (هي دعا ڪنهن جي لاءِ هئي ۽ ڇا هئي؟ فرمائن ٿا:) لِاُمَّتِہٖ بِالْمَغْفِرَۃِ وَالرَّحْمَۃِ  يعني هن دعاءِ مصطفيٰ جو عنوان سندن پياري اُمت هئي ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ کان اُمت جي بخشش ۽ رحمت جو سوال ڪري رهيا هئا.[2]

هڪ روايت ۾ آهي: فَاَکْثَرَ الدُّعَاءَ[3] يعني رسول رحمت، شفيعِ اُمت صرف هڪ ڀيرو دعا نه ڪئي بلڪه با بار ڪثرت سان هڪ ئي دعا ڪندا رهيا: موليٰ


 

 



[1] مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔

[2] ابنِ ماجہ،کتاب المناسک،باب الدعاء بعرفۃ،صفحہ:489،حدیث:3013  ۔

[3] شُعَبُ الایمان،باب فی حشر …الخ،فصل فی القصاص من المظالم،جلد:1 ،صفحہ:304، حدیث:346