Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

موءِ مبارڪ (وارَ مبارڪ) ڇو ورهايا...؟

   علّامه زُرقاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجا وارَ مبارڪ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ۾ ان ڪري ورهايا ته جيئن هُو انهن وٽ برڪت ۽ يادگار طور رهن ۽ انهيءَ مان ڄڻ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قربِ وصال جي طرف اشارو به فرمائي ڇڏيو.[1]

تبرڪ جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو! سرور عالم، نورمجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وار مبارڪ ورهايا، ان مان مان معلوم ٿيو ته اسان جا آقا ۽ مولا، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ هن ڳالھ کي پسند فرمائيندا هئا ته امّت پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جون مبارڪ يادگيريون سنڀالي رکي، انهن کان برڪت حاصل ڪري، ان ڪري صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ۾ بطورِ برڪت ۽ يادگار پنهنجا وار مبارڪ ورهايا.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم انهن تبرڪاتِ مصطفيٰ جو خوب قدر فرمايو، انهن کي سنڀالي ادب ۽ حفاظت (Safe & Secure) سان رکيو. انهن مان برڪت حاصل ڪندا رهيا، پوءِ انهن کان اهي وار مبارڪ بعد وارن ڏي منتقل (Transfer) ٿيا ۽ پوءِ اهي ئي وار مبارڪ هڪ نسل کان ٻئي نسل جي طرف منتقل ٿيندا رهيا ۽ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اڄ به ڪيترن ئي عاشقانِ رسول وٽ محفوظ آهن.

سُوکھے دھانوں پہ ہمارے بھی کرم ہو جائے               چھائے رحمت کی گھٹا بن کے تمہارے گیسو

ہم سیہ کاروں پہ یا ربّ! تپشِ محشر میں                         سایہ اَفگن ہوں ترے پیارے کے پیارے گیسو([2])


 

 



[1] شرح الزرقانی ،المقصد التاسع،النوع السادس فی ذکر حجہ ...الخ،جلد:11، صفحہ:437۔

[2]... حدائق بخشش،صفحہ:119  -120 ملتقطاً۔