Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat
سُبْحٰنَ اللہ! سيندي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيتري پياري ڳالھ ارشاد فرمائي آهي:
انبیا کو بھی اَجَل آنی ہے مگر ایسی کہ فقط آنی ہے
پِھر اسی آن کے بعد اُن کی حیات مثلِ سابِق وہی جسمانی ہے([1])
وضاحت: آن جي معنيٰ آهي: گهڙي لمحو ڀر. اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: انبياءِ ڪرام عَلَيهِم السَّلَام جي بارگاھ ۾ به موت حاضر ٿيندي آهي پر اهڙي طرح جو انهن جي لاءِ موت فقط اچڻي(يعني گهڙي کن جي لاءِ) هوندي آهي، پوءِ انهن کي ٻيهر پهريان جهڙي، دنياوي، جسماني زندگي عطا ڪئي ويندي آهي.
انبياءِ ڪرام عَلَيهِم السَّلَام زندھ آهن
ابن ماجه شريف جي حديث آهي، صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اوهان جي ظاهري وصال کان بعد درود شريف اوهان تائين ڪيئن پڄندو؟ فرمايائون؛ اِنَّ اللہ
حَرَّمَ عَلَی الْاَرْضِ اَنْ تَأْکُلَ اَجْسَادَ الْاَنْبِیَاءِ الله پاڪ انبياءِ ڪرام عَلَيهِم السَّلَام جو جسم کائڻ زمين تي حرام ڪري ڇڏيو آهي.[2] هڪ تمام مشهور حديث
پاڪ آهي، ان کي بيشمار محدثن روايت ڪيو آهي ته الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّمَ فرمايو: اَلْاَنْبِیَآءُ اَحْیَآءٌ فِیْ قُبُوْرِہِمْ یُصَلُّوْنَ يعني انبياءِ ڪرام
عَلَيهِم السَّلَام پنهنجي مزارن ۾ زندھ آهن، نماز پڙهندا آهن.[3]
تُو زندہ ہے واللہ! تُو زندہ ہے واللہ! مرے چشمِ عالم سے چھپ جانے والے ([4])
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد