Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

اوني جبو پاتل آهي، ڏاچي جي مهار کجيءَ جي تند سان ٺهيل آهي ۽ پاڻ تلبيه (يعني لَبَّیْک اَللّٰہُمَّ لَبَّیْک) پڙهندي گذري رهيا آهن.[1] سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته  شان آهي انبياءِ ڪرام عَلَيهِم السَّلَام  جي.....!! مشهور مفسر قرآن حڪيم الامت مفتي احمديار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڇوته هي حج حضور سيّد الانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو آخري حج مبارڪ هيو، ان ڪري  انبياءِ ڪرام عَلَيهِم السَّلَام برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ هن ۾ شريڪ ٿيا ۽ حضور انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو.[2]

   اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هن مان معلوم ٿيو! انبياءِ ڪرام عَلَيهِم السَّلَام پنهنجي مزارن ۾ زنده آهن جتي چاهيندا آهن سير ڪندا يعني ايندا ويندا آهن ۽ هي به معلوم ٿيو ته الله پاڪ انبياءِ ڪرام عَلَيهِم السَّلَام کي غيب جو علم عطا فرمايو آهي، هي پنهنجي پنهنجي مزارن ۾، ٻي دنيا يعني عالمِ برزخ ۾ تشريف فرما رهندا آهن ۽ انهن کي اُتي ئي خبر پئجي ويندي آهي ته هن وقت دنيا ۾ ڪٿي، ڇا ٿي رهيو آهي. ڏسو! معراج جا گهوٽ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن معراج جي لاءِ تشريف وٺي ويا، انبياءِ ڪرام عَلَيهِم السَّلَام سندن اقتداء ۾ نماز پڙهڻ جي لاءِ  پهريان ئي مسجد اقصيٰ ۾ پهچي ويا ۽ هاڻي جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حج جي لاءِ تشريف وٺي وڃي رهيا هئا، انبياءِ ڪرام عَلَيهِم السَّلَام کي سندن حج جي خبر پئجي وئي، انهن کي هيءُ به معلوم ٿي ويو ته هي سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي ظاهري زندگي مبارڪ جو آخري حج آهي، تنهنڪري پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا.  


 

 



[1] مسلم،کتاب الایمان،باب الاشراء برسول اللہ …الخ،صفحہ:82 ،حدیث:166۔

[2] مرآۃُ المناجیح،جلد:7 ،صفحہ:589 بتغیر قلیل۔