Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

اسان ڪندا آهيون ۽ اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!! اسان جي لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندا آهن.

صد شکر خدایا تونے دیا، ہے رحمت والا وہ آقا

جو امت کے رنج وغم میں، راتوں کو اشک بہاتا رہے

بے کس ہُوں شہا! میں دکھیارا، لوگوں نے مجھے ہے دھتکارا

تو  ہمدم  ہے  پھر  کیا  غم  ہے،  گو  سارا  جہاں  ٹھکراتا  رہے ([1])

      الله پاڪ اسان کي احساس جي دولت نصيب فرمائي، ڪاش! انهن احسانن کي ياد رکندي پياري نبي، رسول هاشمي جا سچا عاشق، حقيقي فرمانبردار بڻجي وڃون.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ چهرو هميشه ذهن ۾ رهي

    پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جيڪا حديث شريف ٻڌي، ان ۾ هڪ ٻي به ايمان اَفروز ڳالھ آهي، جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي امت جي بخشش جي خوشخبري ملي ته سندن مرڪيا. ان تي حضرت ابوبڪرصديق ۽ عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا عرض ڪيو:  باَبِیْ اَنْتَ وَ اُمِّی اِنَّ ہٰذِہٖ لَسَاعَۃٌ مَاکُنْتَ تَضْحَکُ فِیْہَا  يعني (يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) اسان جا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿين، هي اها گهڙي آهي جنهن ۾ اوهان عام طور مسڪرائيندا ناهيو فَمَا الَّذِیْ اَضْحَکَکَ، اَضْحَکَ اللہ سِنَّکَ الله پاڪ اوهان کي مسڪرائيندڙ رکي، اڄ  ڇا ٿيو آهي جو اوهان معمول جي


 

 



[1]... وسائل بخشش،صفحہ:474بتقدم وتاخرٍ۔