Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat
فڪر، ان کان علاوه به راتين جو مٿو سجدي ۾ رکي ڪري اسان گنهگارن جي بخشش جي لاءِ ڳوڙها وهائيندا رهيا، مطلب ته: هي آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پنهنجي امت سان ڪمال محبت آهي جو جتي هوندا آهن، پنهنجي گنهگار اُمتن جي بخشش جي فڪر ۾ رهندا آهن. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيتري پياري ڳالھ چئي آهي:
دُنیا، مَزار، حَشَر، جہاں ہیں غَفُور ہیں ہر منزِل اپنے چاند کی منزِل غَفَر کی ہے([1])
وضاحت؛ آسمان جي چنڊ جون مختلف منزلون آهن. انهن مان هڪ منزل جو نالو غَفَر آهي. جڏهن چنڊ منزلِ غَفَر ۾ هوندو آهي، ان وقت کي نهايت مبارڪ سمجهيو ويندو آهي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهيءَ طرف اشارو ڪندي فرمائي رهيا آهن ته چنڊ جيڪو آسمان تي نڪرندو آهي، هي ته ڪڏهن ڪڏهن منزلِ غَفَر ۾ هوندو آهي پر ماھِ طيّبه، سلطانِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڳالھ ئي جدا آهي، هي اهي مبارڪ چنڊ آهن جن جي هر منزل ئي منزل غَفَر آهي، دنيا ۾ هجن، تڏهن به غفور (يعني بخشرائيندڙ) آهن، مزار ۾ تشريف فرما هجن، تڏهن به غفور ۽ آخرت ۾ جڏهن ميدانِ محشر ۾ تشريف آڻيندا، تڏهن به بخشرائيندا ۽ الله پاڪ جي عطا سان شفاعت فرمائي ڪري پنهنجي غلامن کي جنت ۾ پُڄائيندا.
ڪاش! اسان پنهنجي آقا، رسولِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انهن احسانن کي ياد رکڻ وارا بڻجي وڃون، اهي آقا ٿي ڪري به راتين جو ڳوڙها وهائيندا رهيا ۽ افسوس! اسان غلام ٿي ڪري به غفلت جي ننڍ سُتا پيا هوندا آهيون. افسوس!. نمازن جي پابندي ناهيون ڪندا. فرائض ۽ واجبن ۾ ڪوتاهيون ٿينديون آهن. آقاءِ دوجهان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون نافرمانيون