Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

دعا قبول فرمائي ۽ حاجين جي لاءِ بخشش جي خوشخبري ٻڌائي.

 خيال رهي! حاجي جا سڀئي گناھ بخشيا وڃڻ مقبول حج جي جزا آهي ۽ مقبول حج ٿيندو ئي اهو آهي جيڪو نمازون وغيره ادا ڪري ڪيو وڃي، لهٰذا هن حديث جو مطلب هي ناهي ته سڄي عمر نمازون نه پڙهو، شرابي زاني رهو، پوءِ حج ڪري اچو ته سڀئي گناھ معاف ٿي ويا بلڪه پهريان انهن جرمن کان سچي توبه ڪيو پوءِ آئينده انهن جي ويجهو نه وڃو! ته  اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! حج جي برڪت سان پوئين ڪوتاهين جي معافي ملي ويندي.[1]

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

حديث پاڪ مان ملڻ وارا 2 مدني گل

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن ايمان افروز حديث پاڪ تي غور فرمايو! اسان جا آقا و موليٰ مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ميدانِ عرفات ۾ آهن، هي دعائون قبول ٿيڻ جو مقام آهي، ميدانِ عرفات ۾ گُهري ويندڙ دعا کي حديٽ پاڪ ۾ افضل دعا فرمايو ويو آهي.[2] هن بابرڪت مقام تي اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دعا فرمائي، هي دعا ڪنهن جي لاءِ هئي؟ هن دعا جو عنوان ڇا هيو؟ سُبْحٰنَ اللہ! منهنجا ۽ اوهان جا آقا، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اُمتين جي لاءِ دعا فرمائي رهيا هئا.

 ٿورو غور ڪيو! هي ڪهڙي عظيم شفقت آهي، اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اسان گنهگارن تي هي ڪهڙي عنايت آهي....!! سندن دنيا ۾ تشريف کڻي آيا، تڏهن به امت جي فڪر، دنيا کان ظاهري پردو مٽائي ويا، تڏهن به امت جي


 

 



[1] مرآۃ المناجیح، جلد:4، صفحہ:145 - 146 بتغیر قلیل

[2] موطا امام مالک،کتاب القرآن،باب ما جاء فی الدعا،صفحہ:125 ،حدیث:509