Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

حاجين جي لاءِ بخشش جي بشارت

      پيارا اسلامي ڀائرو! شروع ۾ اسان جيڪا حديث شريف ٻڌي، ان ۾ حج جي فضيلت جو بيان آهي ته اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  حاجين جي بخشش جي دعا فرمائي ۽ سندن اها دعا قبول به ڪئي وئي.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! حج جا ڏينهن جاري آهن، ڪيترا خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جيڪي هن وقت مڪي شريف ۾ حاضر آهن، جن حج جي سعادت حاصل ڪئي، ڪاش آئنده سال اسان کي به سعادت نصيب ٿي وڃي، اسان به مڪي شريف وڃون، ڪعبي شريف جو طواف ڪيون، عرفات ۽ مُزدلفه جو قيام نصيب ٿي، منيٰ شريف ۾ قرباني ڪرڻ جي توفيق ملي، ڪاش! ڪاش! هر سال مديني جي حاضري نصيب ٿيندي رهي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

یاربّ! ہمیں مکّے کی فَضاؤں میں بُلالے                    اور خانۂ کعبہ کا کریں جم کے نظارا

ہو جائے مِری حاضِری عرفات و مِنٰی میں                اور  مُزْدَلِفَہ کا بھی کروں خوب نظارا([1])

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

نبين جي ياد ڏيارڻ وارا ڏينهن

      پيارا اسلامي ڀائرو: اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هاڻي جيڪي ڏينهن گذري رهيا آهن، هي نهايت بابرڪت ڏينهن آهن، هنن ڏينهن جون باقي برڪتون پنهنجي جڳھ اهم آهن، هڪ نهايت اهم ڳالھ انهن ڏينهن جي اها آهي ته هي ڏينهن انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي ياد ڏيارڻ وارا ڏينهن آهن. هي ڏينهن اسان کي * الله پاڪ جي


 

 



[1]... وسائل بخشش،صفحہ:170۔