Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي والدين ڪريمين کي زندھ ڪري ڪلمو انهيءَ ڪري پڙهايو ته جيئن اهي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جاصحابي بڻجي وڃن.[1]
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
مسلم شريف ۾ آهي، حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: حجةُ الوِداع جو موقعو هو، نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منٰي ۾ تشريف کڻي آيا، جَمۡرَةُ الۡعَقَبه کي پٿريون هنيون پوءِ قرباني ڪري پنهنجي مڪان مبارڪ ۾ تشريف کڻي آيا، پوءِ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حَجم کي گهرايو ۽ پنهنجي مٿي مبارڪ جي ساڄي پاسي کان وار مبارڪ لھرايا ۽ حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه کي عطا فرمائي ڇڏيا ۽ پوءِ دل واري پاسي کان وارَ مبارڪ لھرايا ۽ اهي به حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه کي عطا ڪري فرمايائون: هنن تمام وارن کي ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيو.[2]
آخرِ حج غمِ اُمّت میں پریشاں ہو کر تِیرہ بختوں کی شفاعت کو سدھارے گیسو([3])
وضاحت: حجَّةُ الوِداع جي موقعي تي سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وار لھرايا ۽ وارَ مبارڪ ورهايائون، ان تي اعلٰي حضرت فرمائي رهيا آهن: اصل ۾ ان وقت وارَ مبارڪ امت جي غم ۾ پريشان ٿيا ۽ گناھگار امّتين جي شفاعت جي لاءِ جسمِ اقدس کان جدا ٿي ڪري امّتين وٽ پهتا (ته جيئن قيامت تائين انهن جي زيارت جو شرف امّت کي ملندو رهي ۽ شفاعت جو سامان ٿيندو رهي).