Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

الله پاڪ اسان کي ٻين کي تڪليف پڄائڻ، ٻين جي حق تلفي ڪرڻ، ٻين جي عزت پامال ڪرڻ کان بچائڻ جي توفيق عطا فرمائي. اي عاشقانِ رسول! اسلام ۾ مسلمانن جي ڪيتري ته عزت آهي، مسلمان ڀائرن جو ڪيترو احترام آهي، هي سڀ ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته شيخ طريقت امير اهل سنت، مولانا الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو ”احترام مسلم“ ۽ مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”تڪليف نه ڏيو“ پڙهي وٺندا. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! تمام گهڻو علم دين سکڻ جي لاءِ ملندو.

پيارا اسلامي ڀائرو! هن مهيني جي 14 تاريخ تي شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي والدِ محترم جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي۔ اچو!  دور حاضر جي عظيم روحاني شخصيت جي والد جو ذڪرِ خير ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا.

امير اهل سنت  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا والد محترم

اميراهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا والدِ ماجد حاجي عبدالرَّحمن قادِري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نيڪ سيرت، تقويٰ ۽ پرهيزگاري ۽ شريعت وسُنَّت جا پيڪر هئا، اڪثر نگاهون هيٺ رکي ڪري هلڻ جا عادي هئا، سندن دل ۾ دنياوي مال ودولت گڏ ڪرڻ جي لالچ بلڪل نه هئي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مسجدن سان مَحَبَّت ۽ انهن جي خوب خدمت ڪندا هئا۔ سندن کي ڪيئي حديثون زباني ياد هيون.

قصيده غوثيه جي برڪت

حاجي عبدُالرحمٰن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ عرصي تائين ڪولمبو ۾ تشريف فرما رهيا، اتان جي عاليشان حَنَفي ميمن مسجد جا انتظام سنڀاليندا هئا 1979 ء ۾ جڏهن