Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه  هوندا. هن کان اڳئين سال پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خود به حج ادا فرمايو.

حجة الوداع جو  مختصر بيان

هي هجرت جو ڏهون سال هيو، مديني شريف ۽ پري ۽ ويجهي جي قبيلن ۾ هي اعلان ڪرايو ويو ته هن سال جيڪي خوش نصيب حج جي سعادت ماڻڻ جي لاءِ مڪي شريف ويندا، انهن حاجين جي قافلي جا سالار ٻنهي جهانن جا مالڪ و مختار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  هوندا.

الله الله! مڪي شريف جو سفر، اهو به رسول رحمت، شفيع امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ....!! طوافِ ڪعبه جون سعادتون، عشق ۽ محبت سان ڀرپور عبادت يعني حج جي ادائيگي اها به محبوب خدا، سرورِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رهنمائي ۾...!! واھ سبحن الله!هي ايمان اَفروز خبر ٻڌي ڪري صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي جسم ۾ خوشي جي لهر ڊوڙڻ لڳي، جنهن به ٻڌو، پنهنجي خوش بختي تي ناز ڪرڻ ۽ ان سعادتمندي واري سفر جي تياري ڪرڻ لڳو.

 جيئن جيئن حج جا ڏينهن ويجهو اچي رهيا هئا، محبت ۽ شُوق جا جذبا وڌي رهيا هيا، پري پري کان قافلن جا قافلا مديني  پاڪ جي طرف وڌڻ لڳا، ڏسندي ڏسندي مديني شريف جي رونق ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو، گهٽين بازارن ۾ اچ وڃ ٿيڻ لڳي.

واھ ڇاته نرالو نصيب آهي! هاڻي عموماً حاجي پهريان مڪي ويندا آهن، طواف، وقوفِ عرفات ۽ مزدلفه وغيره حج جي ادائيگي کان بعد مديني شريف حاضر ٿيندا آهن پر صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي قسمت تي قربان وڃجي! هي خوش قسمت حضرات ڪعبي شريف جي زيارت کان پهريان مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ديدار جا مزا ماڻڻ جي لاءِ مديني پاڪ حاضر ٿيا، اڄ حاجي سبز