Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat
سبز گنبذ کي ڏسي ڪري، سنهري ڄارين سان اکيون ٿڌيون ڪندا ۽ ايمان تازو ڪندا آهن، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان تاجدار مدينه، قرار قلب وسينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ديدار سان اکيون ٿڌيون ڪري رهيا هئا.
الله اڪبر! هي صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان هئا، وڏي نصيب وارا..!! ڪاش! انهن جي صدقي اسان جي به قسمت سنورجي وڃي! ڪاش مديني وڃڻ نصيب ٿي وڃي، اي ڪاش! ڪڏهن قسمت چمڪي، جاڳندي نه ته گهٽ ۾ گهٽ خواب ئي ۾ ڪڏهن ديدار مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نصيب ٿي وڃي.
یارَبِّ ! پِھر اَوج پر ہمارا نصیب ہو سُوئے مدینہ پِھر ہمیں جانا نصیب ہو
مکّہ بھی ہو نصیب، مدینہ نصیب ہو دشتِ عرب نصیب ہو، صحرا نصیب ہو
اللہ! دِیدِ گنبدِ خضرا نصیب ہو یارَبّ! رسولِ پاک کا جلوہ نصیب ہو([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! 10 هجري، ذوالقعدة الحرام جي 25 تاريخ، ڇنڇر جو ڏينهن هيو، سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ظهر جي نماز مسجد نبوي شريف ۾ ادا ڪئي، سفر تي روانگي جي لاءِ تازو غسل فرمايو، سفر جي تياري ٿي ۽ ان شان سان حج جي ادائيگي جي لاءِ روانا ٿيا ته حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: اڳيان، پويان، ساڄي، کاٻي، جنهن طرف به نگاھ کڄندي هئي ماڻهو ئي ماڻهو نظر ايندا هيا.
مديني شريف کان ڪجھ ئي فاصلي تي ذوالحُليفه نالي هڪ مقام ايندو آهي، هي مديني وارن جو ميقات آهي(يعني حج يا عمري جو ارادو رکڻ وارا هتان کان احرام ٻڌندا آهن). هتي پهچي ڪري قافلي کي رڪڻ جو حڪم ٿيو، ڇوته سفر شروع ٿي چڪو هيو، تنهنڪري نمازِ عصر قصر ڪري (يعني ٻه رڪعت) ادا ڪئي وئي، هي رات رسول رحمت، شفيع امت هتي ئي گذاري، اڳئين