Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

ڏينهن ظهر کان پهريان پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تازو غسل ڪري احرام ٻڌو، نمازِ ظهر هتي ئي ادا فرمائي ۽ پنهنجي مبارڪ ڏاچي قصواء تي سوار ٿيا. روايتن مطابق پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ احرام ٻڌڻ کان بعد ٻه رڪعتون نماز ادا فرمائي. ان کان بعد تلبيه (يعني لَبَّیْک اَللّٰہُمَّ لَبَّیْک  پڙهيو، پوءِ جڏهن ڏاچي تي سوار ٿيا ته ٻيهر تلبيه پڙهيو، پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ويجهو ئي بَيۡداء نالي جبل تي تشريف کڻي آيا ۽ بلند آواز سان پڙهيو:

لَبَّیْک اَللّٰہُمَّ لَبَّیْک ، لَبَّیْکَ لَاشَرِیْکَ لَکَ لَبَّیْک، اِنَّ الْحَمْدَ وَالنِّعْمَۃَ لَکَ وَالْمُلْکُ لَا شَرِیْکَ لَک

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سڀني کان محبوب ترين هستي، مڪي مدني محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي زبان سان جڏهن تلبيه پڙهيو هوندو ته ان کي ٻڌي ڪري جبلن تي وجد طاري ٿي ويو هوندو، هوائون مهڪي ويون هونديون، فضائون خوشبودار ٿي ويون هونديون.

گزرے ہو جس جگہ سے، اب بھی مہک رہی ہے

تیرا جو کارواں ہے، خوشبو کا کارواں ہے

هزارين صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جڏهن رسولِ رحمت، شفيع امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تلبيه جي آواز ٻڌي ته انهن به بلند آواز سان تلبيه پڙهيو ايئن سڄي وادي  لَبَّیْک اَللّٰہُمَّ لَبَّیْک جي صدائن سان گونجي اٿي.

هاڻي هي حاجين جو نرالو قافلو پنهنجي سالار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رهنمائي ۾ درمياني چال هلندي، ڪٿي رڪندي، نمازون پڙهندي مڪي شريف جي طرف روانو ٿي ويو، تمام گهڻا اهي صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جيڪي مديني شريف حاضر نه ٿي سگهيا هيا، اهي رستي ۾ شامل ٿيندا ويا، آخر 4 ذوالحج، سومر جي ڏينهن مڪي شريف جي ويجهو ذِي طُويٰ نالي وادي