Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

۾ پهتا، هي رات هتي ئي گذاري وئي، اڳئين ڏينهن نماز فجر هتي ئي ادا ڪئي وئي، پوءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  مڪي شريف جي احترام ۾ غسل فرمايو ۽ ثَنِیَّۃُ الْعُلْیا يعني حجون نالي قبرستان جي طرف مڪي شريف ۾ داخل ٿيا.

الله! الله! جڏهن مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون نگاهون ڪعبي شريف جي طرف کڄون هونديون، ڇا پُرڪيف منظر هوندو، اهو ڪعبو  جيڪو ٻنهي جهانن جي ولادت جي وقت سلامي جي لاءِ جهڪيو هيو، اهو ڪعبو جنهن کي پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  باطل جي گندگي سان پاڪ ۽ صاف ڪيو هيو بلڪه حق ته هي آهي ته ڪعبو به جن جي صدقي ۾ ڪعبو بڻيو، اڄ جڏهن ڪعبي شريف کي انهيءَ رحمت دوجهان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو قرب نصيب ٿيو هوندو يقيناً ڪعبي کي به وجد اچي ويو هوندو، اڄ ڪعبو به پنهنجي قسمت تي ناز ڪري رهيو هوندو.

اس دِل کے فِدا جو تری دِید کا طالِب         ان آنکھوں کے قربان جنہیں تُو نظر آیا

سجدہ کو جُھکا جائے براہیم میں کعبہ          جب قبلۂ کونَیْن کا اَبْرُو نظر آیا

خير! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪعبي شريف کي ڏسي ڪري هي دعا پڙهي: اَللّٰهُمَّ زِدْ هٰذَا الْبَیْتَ تَشْرِیْفًا وَّ تَعْظِیْمًا وَّ مَہَابَۃً وَّ بَرًّا

(اي الله پاڪ! هن گهر جي شرف، تعظيم، رعب ۽ ڀلائي ۾ اضافو فرما)

پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پهريان عمرو ادا ڪيو، پوءِ حج جي ڏينهن ۾ حج ادا فرمايو.[1]  روايتن مطابق جن خوش نصيب صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان هن سال حج


 

 



[1] شرح الزرقانی ،المقصد التاسع،النوع السادس فی ذکر حجہ ...الخ،جلد:11 ،صفحہ:327تا 378 خلاصۃً۔