Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat
اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي وڏي ڀيڻ جو بيان آهي: بابا سائين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وِصال کان بعد مون هڪ ڀيري هي ايمان افروز خواب ڏٺو ته بابا سائين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ وڏي نوراني چهري واري بزرگ سان گڏ آيا، منهنجو هٿ پڪڙي چوڻ لڳا: ڌيء! تون هن کي سڃاڻين ٿي؟ هي اسان جا مدني آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن، پوءِ رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون تي وڏي شفقت ڪندي فرمايو ته تون وڏي نصيب واري آهين.[1]
سنا ہے آپ ہر عاشق کے گھر تشریف لاتے ہیں میرے گھر میں بھی ہوجائے چراغاں یارسولَ اللہ
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۽ بااخلاق ۽ باڪردار ۽ سٺو مسلمان بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! زندگي ۾ بهار ايندي، ڪردار نکري ڪري صاف سٿرو ٿي ويندو ۽ دين ۽ دنيا جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: مدني قافلو. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌؤن ٿا:
هند جي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول