Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat
وضاحت: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان جي خشڪ فصل تي ڪرم فرمايو! اوهان جا مبارڪ وار رحمت جي ڇانوَ بڻجي ڇائنجي وڃن ته اسان جي اعمال، اخلاق، ڪردار وغيره جو سڪل فصل سائو ٿي وڃي. ياالله پاڪ! قيامت جي ڏينهن جڏهن سج سوا ميل تائين رهي ڪري باھ وَسائي، تانبي جي تپيل زمين هجي، ان وقت پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيارن وارن جو اسان کي سايو عطا فرماءِ.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غيب جو علم ڄاڻين ٿا
سُنن الڪبريٰ ۾ حضرت عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما کان روايت آهي، فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منيٰ شريف ۾ هئا، جڏهن هي سورت نازل ٿي:
اِذَا جَآءَ نَصۡرُ اللّٰہِ وَ الۡفَتۡحُ ۙ(۱) وَ رَاَیۡتَ النَّاسَ یَدۡخُلُوۡنَ فِیۡ دِیۡنِ اللّٰہِ اَفۡوَاجًا ۙ(۲) فَسَبِّحۡ بِحَمۡدِ رَبِّکَ وَ اسۡتَغۡفِرۡہُ ؕؔ اِنَّہٗ کَانَ تَوَّابًا (۳)
(پارہ: 30، النصر: 1-3)
ترجمو ڪنزالعرفان: جڏهن الله جي مدد ۽ فتح ايندي ۽ تون ماڻهن کي ڏسندين ته الله جي دين ۾ فوج در فوج داخل ٿي رهيا آهن. پوءِ ربّ جي تعريف ڪندي ان جي پاڪائي بيان ڪر ۽ ان کان بخشش گهر، بيشڪ اهو توبه قبول ڪرڻ وارو آهي.
هي سورت نازل ٿيڻ سان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڄاڻي ڇڏيو ته دنيا کان رخصت ٿيڻ جو وقت قريب اچي ويو آهي، جيئن ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي ڏاچي قصويٰ کي آڻڻ جو حڪم ڏنو، ڏاچي حاضر ڪئي