Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat
وئي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان تي سوار ٿيا ۽ ماڻهن کي خطبو ارشاد فرمايو.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت مان معلوم ٿيو ته سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي غيب جو علم ڏنو ويو هيو. ڏسو! سندن وفات شريف ربيع الاوّل ۾ ٿي ۽ حَجَّةُ الوداع ذُوالحج ۾ ٿيو، يعني پنهنجي وفات شريف کان تقريباً 3 مهينا پهريان ئي کين معلوم ٿي ويو هيو ته ربّ ڪريم جي بارگاھ ۾ حاضري جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي. اها ته هن حديث شريف جي ڳالھ آهي، نه ته قرآني آيتن ۽ ٻين ڪيئي حديثن ۾ واضح بيان آهي ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مَاکَانَ وَمَایَکُوْنُ (اوّل ڏينهن کان قيامت تائين جيڪو ڪجھ ٿي چڪو آهي ۽ جيڪو ڪجھ ٿيندو سڀني) جو علم ڏنو ويو آهي.
جيئن ته سيپاري 27 سورت رحمٰن، آيت 3 ۽ 4 ۾ ارشاد ٿي ٿو:
خَلَقَ الۡاِنۡسَانَ ۙ(۳) عَلَّمَہُ الۡبَیَانَ (۴)
(پارہ: 27، الرحمن:3-4)
ترجمو ڪنزالعرفان: انسان(جي جان محمد)کي پيدا ڪيو. (مَاڪَانَ وَمَا يَڪُوۡن جو) بيان ان کي سيکاريو.
تقريباً 924 سال پهريان هڪ مشهور مفسر ۽ محدث بزرگ گذريو آهي يعني علامه حسين بن مسعود بغوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه (سال وفات: 516 هجري) هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: هتي الۡاِنۡسَانَ مان انسانيت جي جان يعني محبوب مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مراد آهن ۽ الۡبَیَانَ مان مَا کَانَ وَمَا یَکُوْن جو بيان مراد آهي