Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat
والدين ڪريمين کي زندھ ڪري ڪلمو پڙهايو
پيارا اسلامي ڀائرو! حَجَّةُ الوِدَاع جي موقعي تي هڪ نهايت ئي ايمان اَفروز واقعو پيش آيو، ڪيئي محدثن، عالمن ۽ اولياءِ ڪرامن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم هن واقعي کي ذڪر به ڪيو آهي ۽ درست به مڃيو آهي. اهو واقعو ڇا آهي؟ اچو ٻڌون ٿا؛ مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ، حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: حَجَّةُ الوِدَاع جي موقعي تي رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ مقام تان گذريا، مان به گڏ هيس، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان وقت شديد غم جي ڪيفيت ۾ هئا ۽ ڳوڙها ڳاڙي رهيا هيا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي روئندي ڏسي ڪري مان به روئڻ لڳس، پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سواري تان لهي ڪري هڪ طرف تشريف کڻي ويا ۽ مون کي فرمايو: حميرا! هتي ئي رڪو. مان اُٺ سان ٽيڪ لڳائي ويهي رهيس، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪافي دير کان بعد خوش خوش مسڪرائيندي تشريف کڻي آيا. مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجا ماء پيءُ اوهان تي قربان..!! ويندي وقت اوهان ڏاڍا غمگين هيا، واپسي ۾ خوش ٿيندي آيا، ان جو ڇا سبب آهي؟ فرمايائون: مان پنهنجي والده (حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَنْها) جي مزار تي ويو هيس، مون دعا ڪئي ته الله پاڪ منهنجي والده کي زندھ فرمايو، اها مون تي ايمان کڻي آئي پوءِ مزار ۾ تشريف کڻي وئي.[1]
حضرت عُروه رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي والد کان روايت ڪن ٿا ته اُمُّ المؤمنين بيبي عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها ٻڌايو: بيشڪ رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دعا سان الله پاڪ حضرت عبدالله ۽ آمنه رَضِىَ اللهُ عَنْهما کي زنده ڪيو، انهن ٻنهي