Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat
خلاف (Out of Routine) مسڪرايو آهي.؟
الله! الله! عشق جو ڪمال ته ڏسو! غور فرمايو! حضرت صديق و فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا مزاج مصطفيٰ کان ڪهڙي ته واقفيت رکندا هئا، انهن کي خبر هئي ته پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن مرڪندا آهن، ڪڏهن ناهن مرڪندا، ڄڻ ته هي حضرات عالي وقار پنهنجي سڄي توجھ پنهنجي محبوب آقا، رسول خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي جي طرف لڳائي رکندا هئا.
اُن صحابہ کی خوش اَطْوار نگاہوں کو سلام جن کا مسلک تھا طوافِ رُخِ زیبا کرنا
وضاحت: صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي مبارڪ نگاهن تي سلام هجي جو اهي اکيون سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار جو ديدار ڪنديون رهن ٿيون.
حضرت صديق ۽ فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا جو صدقو الله پاڪ اسان کي به عشق رسول ۾ اهڙو ڪمال نصيب فرمائي، ڪاش! اسان جي توجھ جو مرڪز به هميشه پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي بڻيل رهن. ڪاش! سندن ادائن کي ڄاڻي ڪري انهن کي عملي طور تي اپنائڻ جي توفيق نصيب ٿي وڃي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
کچھ ایسا کر دے مِرے کِرْدگار آنکھوں میں ہمیشہ نقش رہے رُوئے یار آنکھوں میں
انہیں نہ دیکھا تو کس کام کی ہیں یہ آنکھیں کہ دیکھنے کی ہے ساری بہار آنکھوں میں
وہی مجھے نظر آئیں، جدھر نگاہ کروں انہیں کا جلوہ رہے آشکار آنکھوں میں([1])
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد