Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

منهنجي اُمَّت کي بخشي ڇڏ، اي ربّ ڪريم! منهنجي اُمَّت تي رحمتون نازل فرماءِ.

حضرت عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن هرهر دعا ڪئي ته الله پاڪ وحي موڪلي ڇڏي فرمايو: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان اوهان جي دعا قبول ڪئي ۽ اوهان جي امت کي بخشي ڇڏيو پر رهيو ظالم ته ان کان مظلوم جو بدلو ضرور ورتو ويندو.

   اُن تي پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بارگاھِ الٰهي ۾ عرض ڪيو: اي ربّ ڪريم! جيڪڏهن تون چاهين ته مظلوم کي جنت عطا ڪري ڇڏين ۽ ظالم کي بخشي ڇڏين(ايئن مظلوم کي بدلو به ملي ويندو، ظالم تي فضل و احسان به ٿي ويندو).

حضرت عباس بن مِرداس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: رسولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي جيڪا ٻي دُعا عرض ڪئي، اُن رات الله پاڪ جي طرفان ان جو ڪو جواب نه آيو، پوءِ پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  مزدلفه تشريف وٺي ويا.

 صبح جو وقت هيو، اوچتو پياري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چهري تي مسڪراهٽ اچي وئي، مسلمانن جي پهرين ۽ ٻئي خليفي حضرت ابوبڪر ۽ عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُما جڏهن پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مسڪرائيندي ڏٺو ته عرض ڪيو:  باَبِیْ اَنْتَ وَ اُمِّی اِنَّ ہٰذِہٖ لَسَاعَۃٌ مَاکُنْتَ تَضْحَکُ فِیْہَا  يعني (يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) اسان جا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿين، هي اها گهڙي آهي جنهن ۾ اوهان عام طور مسڪرائيندا ناهيو فَمَا الَّذِیْ اَضْحَکَکَ، اَضْحَکَ اللہ سِنَّکَ الله پاڪ اوهان کي هميشه مسڪرائيندڙ رکي، اڄ  ڇا ٿيو جو اوهان معمول جي خلاف (Out of Routine) مسڪرايو آهي.؟