Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya

مونکي علمِ دين سکڻ جو شوق ٿيو، ان وقت مان نوجوان هئس، اسان ڪجھ دوست ملي ڪري عِلم دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ مصر جي طرف روانا ٿي وياسين، هاڻي اسان کي استاد ڳولهڻو هو، ڳولهڻ کان بعد اسان ان زماني جي تمام وڏي محدّث صاحب وٽ پهتاسين، اهي اسان کي روز حديثون لکرائيندا هئا. اسان سڀئي دوست هڪ مسجد ۾ رهندا هئاسين، پرديس هو، غربت هئي، تنگدستي هئي، ڪير به اسان جي مشقتن ۽ تڪليفن سان واقف نه هو، اسان به ڪڏهن ڪنهن جي سامهون پنهنجي پريشانن جو ذڪر نه ڪيو هو. هڪ ڀيري ايئن ٿيو جو اسان وٽ جيترا پيسا هئا، سڀ ختم ٿي ويا، فاقه ڪشي شروع  ٿي وئي، ايستائين جو اسان 3 ڏينهن ۽ 3 راتيون بک تي گذاري ڇڏيون، بک جي سبب ڪمزوري وڌي وئي، هلڻ ڦرڻ به ڏکيو ٿي ويو. حضرت حسن بن سفيان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: انهيءَ بک جي حالت ۾ چوٿون ڏينهن به اچي ويو، هاڻي ته ڪمزوري تمام گهڻي ٿي چڪي هئي، مان مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ ويس ۽ نماز پڙهڻ شروع ڪئي، نماز کان بعد دعا گهري، اڃان مان دعا مان فارغ به نه ٿيو هئس ته مسجد ۾ هڪ نوجوان داخل ٿيو، ان پڇيو: حسن بن سفيان ڪير آهي؟ مون چيو مان آهيان. نوجوان چيو: اسان جي شهر جي حاڪم طولُون توهان لاءِ کاڌو موڪليو آهي. مون حيران ٿي ڪري پڇيو: حاڪم کي اسان جي باري ۾ ڪيئن خبر پئي؟ ان نوجوان چيو: مان خادم آهيان، اڄ صبح مونکي منهنجي حاڪم گهرايو ۽ چيائين: فلاڻي پاڙي جي فلاڻي مسجد ۾ وڃ، اتي دين جا طالبِ عِلم آهن، اهي ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين کان بکايل آهن، انهن کي کاڌو به پهچايو ۽ ڪجھ رقم به ڏئي اچو! ۽ ها! منهجي طرفان معذرت به ڪجو ته مونکي انهن جي حالت جو علم نه ٿي سگهيو، سڀاڻي مان پاڻ انهن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ڪري معافي گهرندُس. اهو نوجوان چئي ٿو: شهر جي حاڪم جون اهي ڳالهيون ٻڌي ڪري مونکي وڏي حيرت ٿي، مون پڇيو: جناب عالي! آخر هن عنايت جو سبب ڇا آهي؟ حاڪم چيو: رات مان بستر تي ستُس، اڃان اکيون بند ئي ٿيون هيون ته خواب  ڏٺم: هڪ گهوڙي سوار آهي، ان جي