Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy
باقي رهيل گھڙين کي غنيمت سمجھو...!
اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ اسان کي به رمضان جي محبّت ۽ هن جو غم نصيب فرمائي۔ رمضان المبارڪ جا اڃا ڪجھ ڏينهن باقي آهن، افسوس! هي مبارڪ گھڙيون جلد ئي ختم ٿي وينديون، رمضان اسان کي داغِ مُفارقَت (يعني جُدائي جو غم) ڏئي موڪلائي ويندو، ان ڪري هنن مبارڪ گھڙين کي غنيمت سمجھندي خوب تَوبه ۽ استغفار ڪريون، جيترو وڌيڪ ٿي سگھي نيڪيون ڪري وٺون جو زندگي ۾ ٻيهر رمضان نصيب ٿيندو به الائي نه، هن جي اسان وٽ ڪا گارنٽي نه آهي۔
الٰہی رہ گئے رمضاں کے آخری روزے رہائی نارِ جہنّم سے ہو عطا یارَبّ!
اِلٰہی رِہ گئیں رمضاں کی آخری گھڑیاں کرم سے بخش بھی دے ہم کو یاخُدا ، یارَبّ! ([1])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد
امام ابو القاسِم قُشَيري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: الله پاڪ جا هڪ نبي عَلَيۡهِ السَّلَام ڪٿان کان لنگھي رهيا هئا، پاڻ رستي ۾ هڪ ننڍڙو پٿر ڏٺائون، ان مان لڳاتار پاڻي نڪري رهيو هو، وڏي جبل مان چشمو جاري ٿيڻ عام ڳالھ آهي پر ننڍڙي پٿر مان پاڻي نڪرڻ ۽ مسلسل نڪرندو رهڻ هي حيران ڪندڙ ڳالھ آهي، الله پاڪ جي نبي عَلَيۡهِ السَّلَام کي پٿر مان پاڻي نڪرندو ڏسي تعجب ٿيو ته الله پاڪ ان پٿر کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا فرمائي، پٿر عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي عَلَيۡهِ السَّلَام! جڏهن کان مون کي خبر پئي آهي ته جهنّم جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن، ان وقت کان مان خوفِ خُدا جي سبب روئي رهيو آهيان، اوهان جيڪو پاڻي مون مان نڪرندو ڏسي رهيا آهيو، هي پاڻي نه آهي بلڪه منهنجا لڙڪ آهن۔ پٿر جي اها درد ڀري ڳالھ ٻُڌي الله پاڪ جي نبي عَلَيۡهِ السَّلَام کي رحم آيو، پاڻ هٿ کڻي