Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول!  سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکندس * اَدَب سان ويهندس * بيان جي دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

اَلوداع اَلوداع ماه رمضان...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪجھ ئي ڏينهن پهريان جي ڳالھ آهي، عاشقانِ رمضان انتظار ۾ هئا ته رمضان المبارڪ اچڻ وارو آهي * رمضان المبارڪ جي تياري هلي رهي هئي * ٺاهڻ وارا پنهنجو نيڪين ڀريو جَدوَل (شيڊيول) ٺاهي رهيا هئا * رمضان المبارڪ ڪيئن گذارڻو آهي؟ ان جي لاءِ اڳواٽ هدف بڻايا پئي ويا * عاشقانِ رمضان جون دِليون بيتاب هيون * پوءِ الله پاڪ جي ڪرم سان، ان جي فضل سان هڪ ڏينهن آيو * رُوح کي مهڪائڻ وارو هڪ آواز ڪنن ۾ گونجهيو: مبارڪ هجي....!! ماہِ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو آهي * هي اِعلان ٻُڌندي ئي دِل خوشي سان مچلجي وئي * مسجدن ۾ بهار اچي وئي * تِلاوت جا شوقين تِلاوتِ قرآن ۾ مَصرُوف ٿي ويا * سحري ۽ افطاري جون رونقون هيون * ڏسندي ئي ڏسندي رحمت ڀريو عشرو پنهنجون برڪتون عام ڪندي موٽي هليو ويو * پوءِ عشرهء مغفرت شروع ٿيو * خوش نصيبن کي رَبِّ رحمٰن و رحيم جي بارگاھ مان بخشش جي خيرات ملي * رمضان المبارڪ


 

 



[1]... جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔