Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy
(2): جنهن رمضان جا روزا رکيا وري ان کان پوءِ ڇهه شوال ۾ رکيائين۔ ته ائين آهي جيئن دهر (يعني سڄي عمر جو) روز رکيو۔([1])
(3): جنهن عيد الفطر کان پوءِ (شوال ۾) ڇهه روزا رکي ڇڏيا ته ان سڄي سال جا روزا رکيا۔ ڇو جو جيڪو هڪ نيڪي آڻيندو ان کي ڏهه ملنديون، ته رمضان جو روزو 10 مهينن جي برابر آهي ۽ انهن 6 ڏينهن جي بدلي ۾ 2 مهينا ته پوري سال جا روزا ٿي ويا۔ ([2])
ڇھ عيد جا روزا ڪڏهن رکيا وڃن؟
پيارا اسلامي ڀائرو! بهتر هي آهي ته هي روزا جدا جدا رکيا وڃن ۽ عيد کان بعد لڳاتار 6 ڏينهن رکي ورتا تڏهن به حرج نه آهي۔([3])
خليلِ ملّت حضرتِ علامه مولانا مفتي محمد خليل خان قادِري برڪاتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي روزا عيد کان پوءِ لڳاتار رکيا وڃن تڏهن به حرج ناهي ۽ بهتر هي آهي ته متفرق (يعني وقفو ڪري) رکيا وڃن يعني هر هفتي ۾ ٻه روزا ۽ عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکي وٺي ۽ پوري مهيني ۾ رکي ته اڃان به مناسب معلوم ٿئي ٿو۔([4]) مطلب ته عيد الفطر جو ڏينهن ڇڏي سڄي مهيني ۾ جڏهن چاهيو ڇھ عيد جا روزا رکي سگهو ٿا.([5])
سيپاري 2، سورہِ بقره، آيت: 185 ۾ ارشاد آهي: