Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy
اُردُو جي سڀ کان جديد (Latest) تفسير تفسير صراط الجنان شامل آهي۔ اوهان ڪٿي به هجو، هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان قرآنِ ڪريم ترجمي ۽ تفسير سان پڙھي آساني سان سمجھي به سگھون ٿا ۽ گڏوگڏ قرآني آيتن کي، ترجمي ۽ تفسير کي واٽس ايپ، فيس بُڪ وغيره تي پنهنجي دوستن سان شيئر به ڪري سگھو ٿا۔ پهرين فرصت ۾ ئي اها ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو، عِلمِ دين سکو ۽ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ڪمايو۔
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافله
اي عاشقانِ رسول! نيڪ بڻجڻ، گُنَاهن کان بچڻ ۽ ان ذريعي الله پاڪ جي محبت ماڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي لاءِ عاشقان رسول سان مدني قافلن ۾ سَفر ڪرڻ جو معمول بڻايو، هن جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللّٰه الْڪرِيم! عاشقانِ رسول جي صحبت ملندي، عِلمِ دين سکڻ نصيب ٿيندو، نيڪيون ڪرڻ، گُنَاهن کان بچڻ جو ذِهن بڻجندو ۽ سڀ کان اَهم ڳالھ هي آهي جو سُنَّتِ انبياءِ ڪرام عَـلَـيْـهِمُ الـسَّـلَام يعني نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيندو۔
هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: مان دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان گُنَاهن جي دلدل ۾ ڦاٿل هئس، شراب پيئڻ، ماءُ پيءُ کي ستائڻ، نمازون قضا ڪرڻ منهنجو معمول هو، هڪ ڀيري منهنجي ڀاڻيجي مون کي مدني قافلي ۾ سفر جي دعوت ڏني، مان ٽاريندو رهيس پر ان همت نه هاري ۽ مسلسل دعوت ڏيندو رهيو، نيٺ هڪ ڀيري مان مدني قافلي جو مسافِر بڻجي ئي ويس، مدني قافلي دوران نيڪي جي دعوت، سنتن ڀريا بيان ٻڌڻ جو موقعو مليو، گڏوگڏ ئي شيخِ طريقت، امير ِاهلسنت بانيء دعوتِ اسلامي حضرت علامه