Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا مختلف رسالا پڙھڻ به نصيب ٿيا، بس انهن سڀني شين جو مون تي اهڙو اثر ٿيو جو دِل ۾ انقلاب برپا ٿي ويو، مون گُنَاهن کان سچي پڪي توبه ڪئي، شراب ڇڏي، نمازون پڙھڻ لڳس ۽ ماءُ پيءُ جو فرمانبردار بڻجي ويس، اَلْحَمْدُ للّٰه! مدني قافلي جي برڪت سان مون ڏاڙھي شريف رکي، مٿي تي عمامي جو تاج سجايو، هاڻي مان هڪ مسجد جو مؤذن آهيان ۽ پنج ئي نمازون باجماعت مسجد ۾ ادا ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔([1])

اُلْفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خُدا         چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو

گر مدینے کا غم، چاہئے چشمِ نَم       لینے یہ نعمتیں قافلے میں چلو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي روزن بابت ڪجھ مدني گل بيان ڪرڻ جي سعادت حاصِل ڪيان ٿو۔

نفلي روزن جي متعلق مدني گل

اي عاشقانِ رسول! * ماءُ پيءُ جيڪڏهن پٽ کي نفل روزي کان ان لاءِ منع ڪن جو بيماريءَ جو انديشو آهي ته ماءُ پيءُ جي اطاعت ڪري.

*  مڙس جي اجازت کان بغير گهرواري نفلي روزو نه ٿي رکي سگهي.

* نفلي روزو ڄاڻي واڻي شروع ڪرڻ سان پورو ڪرڻ واجب ٿي ويندو آهي جيڪڏهن ٽوڙيندؤ ته قضا واجب ٿيندي.

*  نفلي روزو ڄاڻي واڻي نه ٽوڙيو بلڪه بي اختيار ٽُٽي پيو مثال طور عورت کي روزي جي دؤران حيض اچي ويو ته روزو ٽُٽي پيو پر قضا واجب آهي.

*  نفلي روزو بنا عذر جي ٽوڙڻ ناجائز آهي. مهمان سان گڏ جيڪڏهن ميزبان نه


 

 



[1]... شرابی مؤذن کیسے بنا؟، صفحہ:15۔