Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

بک اُڃ برداشت ڪريون ٿا، ذوقِ رمضان برقرار رکڻ جي لاءِ رمضان کان بعد به بُک اُڃ برداشت ڪريون، اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪرِيم! نفسِ اَمَّاره جو زور ٽٽندو ۽ تقويٰ نصيب ٿيندو۔

نفلي روزن جون فضيلتون ۽ فائدا

بُک جون برڪتون حاصِل ڪرڻ جو بهترين انداز روزو آهي۔ ڪوشش ڪري رمضان کان بعد به نفلي روزن جو سلسلو رکيو وڃي ته اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪرِيم! سڄو سال ذوقِ رمضان برقرار رهندو۔

نفلي روزن جون 2 فضيلتون

(1): جنهن رِضاءِ الهٰي جي لاءِ هڪ ڏينهن جو نفلي روزو رکيو ته الله پاڪ ان جي ۽ دوزخ جي وچ ۾ هڪ تيز رفتار سوار جي 50 ساله مُسافَت (يعني فاصلي) تائين دوري رکندو۔([1]) (2): حضرتِ ابو اُمامه رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يا رَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي اهڙو عمل ٻڌايو جنهن جي سبب جنت ۾ داخل ٿي وڃان۔ فرمايائون: روزن کي پاڻ تي لازم ڪريو ڇوته هن جي مثل ڪو ٻيو عمل نه آهي۔ راوي چون ٿا: حضرتِ ابو اُمامه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي گھر ڏينهن جي وَقت مهمان جي آمد کان علاوه ڪڏهن دُونھون نه ڏٺو ويو (يعني پاڻ ڏينهن جو کاڌو کائيندا ئي نه هئا، بلڪ روزو رکندا هئا)۔ ([2])

ڇھ عيد جي روزن جون 3 فضيلتون

ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيل ٻارڙي جيان گناهن کان پاڪ

(1): جنهن رمضان جا روزا رکيا پوءِ ڇهه ڏينهن شوال ۾ رکيا ته گناهن کان ائين نڪري ويو جيئن اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي ۔([3])


 

 



[1]... کنز العمال، کتاب الصوم، باب الثانی فی صوم النفل، جزء :8، جلد:4، صفحہ:255، حدیث:24149۔

[2]... صحیح ابن حبان، جلد:5، صفحہ:179، حدیث:3416۔

[3]... مجمع الزوائد، کتاب الزکاۃ، باب فیمن صام رمضان، جلد:3، صفحہ:425، حدیث:5102۔