Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

خبر پئي رمضان المبارڪ جي مقصدن مان هڪ اهم مقصد نفسِ اَمَّاره جي اِصلاح آهي، لهٰذا ذوقِ رمضان برقرار رکڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان رمضان ڪريم کان بعد به نفسِ اَمَّاره جي اِصلاح تي توجھ ڏيون۔

نفسِ اَمَّارھ جي اِصلاح جو طريقو

حضرت شيخ فريد الدِّين عطار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نفس کي قابُو ۾ ڪرڻ جي لاءِ ٽن هٿيارن جي ضرورت آهي: (1): خنجرِ خاموشي (2): شمشيرِ جُو (يعني بُک جي تلوار) (3): نيزهء تنهائي ۽ ترڪِ هجوم۔ هي ٽي هٿيار هجن ته نفسِ اَمَّاره کي قابو ۾ ڪري ان جي اصلاح ڪري سگھجي ٿي۔([1])

اي عاشقانِ رسول!  جيڪڏهن اسان باقي 11 مهينن ۾ به ذوقِ رمضان برقرار رکڻ چاهيو ٿا ته هي ٽي ڪم مستقل طور تي اپنائي وٺو۔ نمبر1 : خنجرِ خاموشي۔

خاموشي جون فضيلتون

اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو شخص الله پاڪ ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو، ان کي گھرجي ته سٺو ڳالهائي يا خاموش رهي۔([2])

حضرت اَسوَد رَضِىَ اللهُ عَنْه صحابيء رسول آهن، پاڻ فرمائن ٿا: مون الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ عَرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي نصيحت فرمايو! رحمت عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا توهان پنهنجي زبان تي قابُو رکي سگھو ٿا؟ مون عرض ڪيو: جيڪڏهن مان پنهنجي زبان تي به قابُو نه رکي سگھان ته ڪهڙي شيء تي قابُو رکي سگھندس؟ سردارِ انبياء، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا توهان


 

 



[1]... پند نامہ عطار، صفحہ:25۔

[2]... بخاری، کتاب الرقائق، باب حفظ اللسان، صفحہ: 1592، حدیث: 6475۔