Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy
الحمد لِلّٰه! رمضان جي مهيني ۾ دِل هدايت يافته ٿين ٿا * نمازين جو تعداد وڌي ٿو * تلاوت ڪرڻ وارن جي تعداد ۾ اِضافو ٿئي ٿو * تراويح * اعتڪاف * صدقو * خيرات * مسلمانن جي خير خواهي وغيره ڪيئي طرح جي نيڪين ۾ ويتر اِضافو ئي ٿيندو آهي، يقيناً هي هدايت ئي آهي، هاڻي اسان کي گھرجي ته اسان به الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا گھرون ۽ وقت بوقت دِل جمعي سان هي دُعائون گھرندا ئي رهون ته يا الله پاڪ! رمضان ۾ هدايت جو نُور نصيب ٿئي، نيڪين جو جذبو وڌاءِ، نمازن جي توفيق ملي، اي اسان جا پيارا الله پاڪ! اسان تي ڪرم فرماءِ، جيڪي خطائون ڏوھ ٿيا آهن، ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائي ۾ اهي معاف فرماءِ ۽ رمضان ۾ جن عبادتن جو شوق وڌيو، انهن ۾ مزيد ترقي ۽ استقامت نصيب فرماءِ۔
الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعائون گھرندا رهنداسين ته اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪرِيم! ڪرم ٿيندو، نيڪين تي استقامت به مِلي ئي ويندي.
رمضان ڪريم جو هڪ مقصد: نفسِ اَمَّارھ جي اِصلاح
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ رمضان المبارڪ جا روزا فرض ڇو ڪيا، عالم سڳورا هن جون کوڙ ساريون حڪمتون لکيون آهن، انهن مان هڪ حڪمت هي آهي ته روزو رکڻ جي برڪت سان نفسِ اَمَّاره جي اِصلاح ٿئي ٿي ۽ تقويٰ جي دولت ملي ٿي۔
اسان جا ٻه وڏا دُشمن آهن: (1): شيطان (2): نفسِ اَمَّاره۔ رمضان ۾ شيطان کي ته قيد ڪيو ويندو آهي، باقي رهيو نَفسِ اَمَّاره ته هن جو زور ٽوڙڻ جي لاءِ اسان روزو رکندا آهيون، بُک لڳندي آهي، اُڃ لڳندي آهي، ان جي باوُجُود اسان کائندا پيئندا ناهيون، صبح سحري کان وٺي افطار تائين نفسِ اَمَّاره جي خواهشن کان رُڪيل رهندا آهيون، هن سان نفسِ اَمَّاره جو زور ٽٽندو آهي ۽ هن جي اِصلاح ٿيندي آهي.