Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy
جي قدر دانن عشرهء مغفرت جون برڪتون حاصِل ڪيون * پوءِ جلد ئي عشرهء مغفرت به رُخصت ٿيو * هن سان گڏ ئي جهنّم کان آزادي جو عشرو اچي ويو * اعتڪاف ڪرڻ وارا جُوق دَر جُوق مسجدن جي طرف وڌي ويا * اعتڪاف جون رونقون نظر اچڻ لڳيون * افسوس! هاڻي رمضان جو هي آخري عشرو به پنهنجي پڄاڻي ڏانهن وڌي رهيو آهي، افسوس! صد افسوس! عنقريب، بس ڪجھ ئي ڏينهن بعد رمضان جو مبارڪ مهينو اسان کان موڪلائي ويندو۔
آہ! رمضان اب جا رہا ہے ہائے تڑپا کے رمضاں چلا ہے
ٹکڑے ٹکڑے مرا دِل ہوا ہے ہائے تڑپا کے رمضاں چلا ہے
دیکھ کر چاند میں رو پڑا تھا سامنے ہجر کا غم کھڑا تھا
جلد رخصت کا وقت آ گیا ہے ہائے تڑپا کے رمضاں چلا ہے
اشک آنکھوں سے اب بِہ رہے ہیں ہجر کا غم جو ہم سہ رہے ہیں
وہ دِلِ غمزدہ جانتا ہے ہائے تڑپا کے رمضاں چلا ہے
کر کے تقسیم بخشش کی اَسناد آہ! رنجیدہ دِل کر کے تُو شاد
سب کو روتا ہوا چھوڑتا ہے ہائے تڑپا کے رمضاں چلا ہے([1])
جمعة الوداع جي بيان ۾ جان ڏئي ڇڏي
هڪ بزرگ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان ماہِ رَمَضان جي جُمُعَةُ الوَداع جي ڏينهن حضرتِ منصور بن عَمَّار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي محفل ۾ حاضر ٿيس۔ پاڻ رَمضان شريف جي روزن جي فضيلت، راتين جي عبادت ۽ خلوص سان عبادت ڪرڻ وارن جي لاءِ جيڪو اَجر رکيو ويو آهي ان جي باري ۾ بيان فرمائي رهيا هئا، ايئن لڳي رهيو هو ته ڄڻ سندن بيان جي اثر سان سخت پٿرن مان باھ ظاهر ٿي رهي آهي پر پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي محفل ۾ نه ڪنهن چُرپُر ڪئي، نه ئي ڪنهن پنهنجي گناهن