Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy
پاڪ جي بارگاھ ۾ توبه ڪر، ڇو ته رب پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمايو آهي:
وَ اِنِّیْ لَغَفَّارٌ لِّمَنْ تَابَ (پاره: 16، سورۂ طٰهٰ: 82)
ترجَمو ڪنز الايمان: ۽ بيشڪ مان گھڻو بخشڻ وارو آهيان ان کي جنهن توبه ڪئي
پوءِ حضرت منصور بن عمّار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قاري کي هي آيت پڙھڻ جو حڪم ڏنو:
وَ هُوَ الَّذِیْ یَقْبَلُ التَّوْبَةَ عَنْ عِبَادِهٖ وَ یَعْفُوْا عَنِ السَّیِّاٰتِ (پاره:25، سورۂ شُوريٰ:25)
ترجَمو ڪنز الايمان: ۽ اهوئي آهي جيڪو پنهنجي ٻانهن جي توبه قبول فرمائي ٿو ۽ گناهن کان درگذر فرمائي ٿو.
ان نوجوان هي آيت سڳوري ٻڌي هڪ زور دار رڙ ڪئي ۽ چيو: منهنجي خوش نصيبي آهي جو الله پاڪ جو اِحسان مون تائين پهچندو رهيو پر هن جي باوجود مان نافرمانين ۾ اضافو ڪندو رهيس ۽ غلط راھ کان نه مُڙيس۔ ڇا گذريل وقت جي جڳھ ڪو ٻيو وقت هوندو جنهن ۾ الله پاڪ درگذر فرمائيندو؟ پوءِ ان ٻيهر زوردار رڙ ڪئي ۽ ان جو رُوح خاڪي جسم مان جُدا ٿي ويو (يعني اهو نوجوان فوت ٿي ويو)۔
علَّامه حَرِيۡفَيش رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هي رِقَّت انگيز حڪايت لکڻ کان بعد فرمائن ٿا: منهنجا ڀائرو! رمضان جي جُدائي تي ڇو نه روئجي..!! عَفو ۽ مغفرت جو هي مبارڪ مهينو موڪلائي رهيو آهي، ان تي ڇو نه افسوس ڪيو وڃي! هن مهيني جي جُدائي تي ڇو نه غم ڪيو وڃي جو ان ۾ گنهگارن کي جهنّم کان آزادي نصيب ٿيندي آهي! ([1])
کر رہے ہیں تجھ کو رو رو کر مسلماں اَلْوداع آہ! اب تُو چند گھڑیوں کا فقط مِہمان ہے
واسطہ رمضان کا یارب! ہمیں تُو بخش دے نیکیوں کا اپنے پلّے کچھ نہیں سامان ہے([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد