Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

تي شرمساري جو اظهار ڪيو، جڏهن پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه محفل جي هي حالت ڏٺي ته فرمايائون: اي انسانو! ڇا پنهنجي عيبن تي آگاھ ٿي ڪو روئڻ وارو نه آهي؟ * ڇا هي توبه ۽ استغفار جو مهينو نه آهي؟ * ڇا هي عَفو ۽ مَغفِرت وارو (يعني معافي ملڻ ۽ بخشجڻ جو) مهينو نه آهي؟ * ڇا هن مبارَڪ مهيني ۾ جنّت جا دروازا ناهن کوليا ويندا؟ * ڇا هن مهيني ۾ جهنّم جا دروازا بند ناهن ڪيا ويندا؟ * ڇا هن مهيني ۾ شيطان کي قيد ناهي ڪيو ويندو؟ * ڇا هن ماہِ صيام ۾ انعام و اڪرام جون بارِشون ناهن ٿينديون؟ * ڇا هن برڪت ڀري مهيني ۾ الله پاڪ تجلي ناهي فرمائيندو؟ * ڇا هن مبارَڪ مهيني ۾ هر رات اِفطار مهل 10 لک گنهگار جهنّم مان آزاد ناهن ڪيا ويندا؟ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو هن عظيم ثواب مان پاڻ کي محروم رکو ٿا ۽ لباسِ مخالفت ۾ وڏائي ڏيکاريو ٿا (مطلب هي ته عمل نٿا ڪريو ۽ گناهن ۾ مصروف رهو ٿا)۔ ارشادِ ربّاني آهي:

اَفَسِحْرٌ هٰذَاۤ اَمْ اَنْتُمْ لَا تُبْصِرُوْنَۚ(۱۵)  (پاره:27، سورۂ طُوْر: 15)                   

ترجَمو ڪنز الايمان: پوءِ ڇا هي جادو آهي يا توهان کي ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.

(ان کان بعد پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو:) سڀئي خداءِ غفّار جي دربار ۾ حاضر ٿي توبه ۽ اِسۡتِغۡفار ڪيو! سندن هي اَثرائتو بيان ٻڌي تمام حاضرين بلند آواز سان گريه و زاري ڪرڻ ۽ روئڻ لڳا، ايتري ۾ هڪ نوجوان روئيندي اٿي بيٺو ۽ عرض ڪيائين: ياسيدي! (يعني اي منهنجا آقا!) ارشاد فرمايو! ڇا منهنجا روزا مقبول آهن؟ ڇا منهنجو (رمضان جي) راتين ۾ عبادت ڪرڻ کي مقبول عبادت گذارن سان گڏ لکيو ويندو؟ جڏهن ته مون کان کوڙ سارا گناھ ٿيا آهن، مون پنهنجي سڄي ڄمار نافرمانين ۾ برباد ڪئي آهي، افسوس! مان عذاب جي ڏينهن کان غافل رهيس، حضرت منصور بن عمّار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اي پُٽ! الله