Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

هڪ غَلَط لَفظ جو نقصان

اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: انسان (نيڪيون ڪندي) جنّت جي ويجھو ٿيندو ويندو آهي، ٿيندو ويندو آهي، ايستائين جو ان جي ۽ جنّت جي وچ ۾ هڪ گز جو فاصلو رهجي ويندو آهي، پوءِ اُهو شخص پنهنجي زبان مان هڪ اهڙو لفظ ڪڍندو آهي، جنهن جي سبب ان کي جنّت کان پري ڪيو ويندو آهي۔ ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! زبان ڪيتري خطرناڪ شيء آهي۔ الله پاڪ اسان کي زبان جي حفاظت نصيب فرمائي۔ نفسِ اَمَّاره جي اِصلاح جي لاءِ پهريون هٿيار جيڪو ضروري آهي: اهو خنجرِ خاموشي آهي۔ خاموشي اختيار ڪريو، زبان جو درست استعمال ڪريو، ڳالهائڻ کان پهريان سوچڻ جي عادَت بڻايو، اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪرِيم! نفسِ اَمَّاره جي اِصلاح ٿيندي ۽ ذوقِ رمضان برقرار رهندو۔

بُک جون فضيلتون

پيارا اسلامي ڀائرو! نفسِ اَمَّاره جي اِصْلاح جي لاءِ ٻيو هٿيار آهي: شمشيرِ جُو (يعني بُک جي تلوار)۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اَلْجُوْعُ رَاْسُ مَالِنَا يعني بک اسان جو سرمايو آهي۔ مطلب هي آهي ته اولياءِ ڪرام کي جيڪا وُسعت، سلامتي، عبادت ۾ لذت ۽ عِلمِ نافِع حاصِل ٿيندو آهي، هي سڀ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بُک برداشت ڪرڻ جي سبب ئي حاصِل ٿيندو آهي،([2]) بک الله پاڪ جي خزانن مان هڪ خزانو آهي، جيڪو الله پاڪ صرف پنهنجي پسنديده ٻانهن کي ئي عطا ڪندو آهي۔ ([3])

اي عاشقانِ رسول! جيئن اسان رمضان المبارڪ ۾ روزو رکي سڄي ڏينهن


 

 



[1]... مسند امام احمد، مسند الانصار، جلد: 9، صفحہ: 469، حديث: 23843۔

[2]... منہاج العابدین، صفحہ:229۔

[3]... احیاء العلوم، جلد:3، صفحہ:107۔