Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

رمضان المبارڪ کان بعد اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪرِيم! دَرسِ نظامي جا نوان ڪلاس  شروع ٿيندا، جامعاتُ المدينه جا داخلا جاري آهن، همت ڪريو، جامعة المدينه ۾ داخلو وٺو، دَرسِ نظامي يعني عالِم ڪورس ڪريو، اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪرِيم! قرآنِ مجيد سمجھڻ به اچي ويندو، هن سان گڏوگڏ بخاري شريف، مسلم شريف، فتاوي شامي، احياء العلوم، فتاويٰ رضويه شريف وغيره عِلمِ دين جا وڏا وڏا ڪتاب نه صِرف پڙھڻ وارا بڻجي ويندا  بلڪ ٻين کي سيکارڻ وارا به بڻجي ويندا * دَرس نِظَامي يعني عالِم ڪورس 8 سال جو ڪورس آهي، جيڪڏهن اوهان ايترو وقت نٿا ڏئي سگھو، مصروفيت آهن، گھريلو مسئلا آهن ته ڪا ڳالھ نه آهي، آن لائِن جامعة المدينه ۾ داخِلو وٺو، گھر ويهي ئي دَرسِ نظامي ڪريو۔ الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي۔

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صراط الجنان پڙھڻ ۽ ايپلي ڪيشن جي استعمال جي ترغيب

اي عاشقانِ رسول! اڄڪلھ ٽيڪنالوجي جو دور آهي، تقريباً هر هڪ وٽ اينڊرائڊ يا آئي فون موبائل هوندي ئي آهي، الحمد لله! دعوتِ اسلامي اسان کي موبائل جي ذريعي به عِلمِ دين سکڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي۔ مثال طور دَعوَتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ جي طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جارِي ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Quran with Tafseer (القرآن مع تفسير)۔ اها ايپلي ڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي طرح جي ڊيوائسز تان ڊاؤن لوڊ ڪري آساني سان استعمال ڪري سگھجي ٿي، هن ايپلي ڪيشن ۾ * مڪمل قرآنِ ڪريم * اعليٰ حضرت، آقاءِ نعمت، اِمامِ اهلسنت، شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو لکيل ترجمو ڪنز الايمان * دورِ جديد جي تقاضائن جي مطابق نهايت آسان ترجمو، ترجمو ڪنز العرفان ۽ * آسان انداز ۾ لکيل،