Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

شُڪر ڇا کي چئبو آهي

 امامُ الطَّائِفه (يعني اوليائن جي امام) حضرت جنيد بغدادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ 7 سال هئي، پاڻ حضرت سِرِّي سقطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ رهندا هئا، هڪ ڏينهن حضرت سِرِّي سقطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تشريف فرما هئا، ٻيا ماڻهو به حاضِر هئا، شُڪر جي حوالي سان ڳالھ نڪتي ته حضرت سِرِّي سقطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضرت جنيد بغدادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي فرمايو: پٽ! توهان ٻڌايو! شُڪر ڇا آهي؟حضرت جنيد بغدادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عرض ڪيو: اَنْ لَّا تَعْصِي اللّٰهَ بِنِعْمَۃٍ يعني نعمت جي بدلي ۾ الله پاڪ جي نافرماني نه ڪرڻ، هي شُڪر آهي۔([1])

   خبر پئي ته اَصل شُڪر ته هي آهي جو انسان کي نعمت ملي ته گُنَاهن ۾ مَصرُوف ٿيڻ بدران، الله پاڪ جو فرمانبردار بڻجي۔ الله پاڪ اسان کي رمضان جي نعمتن تي خوب خوب شُڪر ادا ڪرڻ، رمضان کان بعد به ذوقِ رمضان برقرار رکڻ ۽ نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

ماہِ رمضاں کا غم عطا فرما          یاخُدا! چشمِ نَم عطا فرما

ماہِ رمضاں کے عشق میں رونا        دو جہاں کے لئے سعادت ہے

نيڪ ماڻهن جي هڪ دُعا

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ عقلمند ۽ نيڪ ماڻهن جي هڪ دُعا ذِڪر فرمائي آهي، ارشاد آهي:

رَبَّنَا لَا تُزِغْ قُلُوْبَنَا بَعْدَ اِذْ هَدَیْتَنَا وَ هَبْ لَنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْمَةًۚ-اِنَّكَ اَنْتَ الْوَهَّابُ(۸)  (پاره:3، سورۂ آلِ عمران:8)

ترجَمو ڪنز الايمان: اي اسان جا رب! اسان جي دلين کي ٽيڙو نه ڪر ھن کان بعد جو تو اسان کي هدايت عطا ڪئي ۽ اسان کي پاڻ وٽان رحمت عطا فرماءِ. بيشڪ تون وڏو عطا فرمائڻ وارو آهين.


 

 



[1]... رسالہ قشيریہ، کتاب الشکر، صفحہ:212۔