Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy
پنهنجي هٿن تي قابُو رکي سگھو ٿا؟ مون ٻيهر عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! جيڪڏهن مان پنهنجا هٿ به قابُو ۾ نه رکي سگھان ته ڪهڙي شيء تي قابُو رکي سگھندس۔ هاڻي آقاءِ نامدار، مڪي مدني تاجدا ر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بس پوءِ پنهنجي زبان مان هميشه چڱي ڳالھ ئي چئو ۽ توهان جا هٿ ڀلائي کان عِلاوه ڪنهن ٻئي ڪم ڏانھن نه اُٿن۔([1])
حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: رحمت عالم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ٻانهي جو ايمان درست ناهي هوندو، جيستائين ان جي دِل درست نه هجي ۽ ٻانهي جي دِل درست نٿي ٿي سگھي، جيستائين ان جي زبان درست نه ٿي وڃي۔([2])
ڪُل تقريباً 18 هزار عالَم (يعني جهان) آهن، خواب به هڪ جهان آهي، جنهن کي عالَمِ رُؤيا چيو ويندو آهي۔ عالَمِ رؤيا (يعني خواب) ۾ اسان جي زبان مان نڪرڻ واري لفظن کي نانگ جي صُورت ۾ ڏيکاريو ويندو آهي۔ عِلمِ تعبير جا تمام وڏا امام آهن: امام اِبْنِ سيرين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه۔ پاڻ فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪو شخص خواب ۾ ڏسي ته ان جي واتان نانگ نڪتو آهي ته ان جي تعبير هي آهي ته ان شخص جي زبان مان اهڙو لفظ نڪرندو، جيڪو ان جي لاءِ وبالِ جان بڻجي ويندو۔ ([3])
اللّٰه! اللّٰه! اي عاشقانِ رسول! اندازو ڪريو! نانگ زهريلو جانور آهي، اهڙي طرح اسان جي زبان به خطرناڪ ترين عُضوو آهي، زبان کي 32 ڏندن جي نگراني ۾ رکيو ويو آهي، ان جي باوُجُود هي قابو ۾ ناهي ايندي، جڏهن هي زهر ڪڍندي آهي ته صِرف جان ئي کي نه بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ايمان کي به سخت نقصان پهچائيندي آهي۔